ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
96

ڪهڙي بنياد تي شاگردن تي

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ قتل جي ٻن ڪيسن ۾ نامزد جوابدار تي داخل ڌمڪين واري ٽين ڪيس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته پوليس اڃا تائين نه پنهنجي جاچ جو نظام بهتر بڻائي سگهي آهي ۽ نه ئي وري امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو آهي

جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب هئڻ سبب ڪراچي ۾ ٻن مهينن دوران ڦر واقعن ۾ 27 ڄڻن حياتيون وڃايون. شهر هجي يا ٻهراڙي ڪٿي به ماڻهن جون ملڪيتون توڙي عزتون محفوظ ناهن ان لاءِ هو آءِ جي سنڌ پوليس کي ٻن هفتن جو ٽائيم ٿا ڏين. امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي ڦورو ۽ چور گرفتار ڪري سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت اهو لکڻ تي مجبور ٿيندي ته سنڌ ۾ پوليس کاتو مڪمل طور ناڪام بڻيل آهي. تعلقي قاضي احمد سان تعلق رکندڙ هدايت الله ڌمڪين واري ڪيس مان ضمانت لاءِ وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته ان کان اڳ قاضي احمد ٿاڻي جي پوليس مٿس مرتضيٰ کوسو جي قتل ۽ تعلقي ٿاڻي جي پوليس ذوالفقار کوسو جي قتل جا ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ هاڻي بااثر ماڻهن جي چرچ تي مٿس ڌمڪين جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي ڌمڪين واري ڪيس مان ضمانت منظور ڪئي. عدالت گذريل ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ پوليس کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر اهو پيش نه ٿيو ۽ ٻڌڻي دوران سي پي او سنڌ مان اي آءِ جي ليگل عارب مهر، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ڪيپٽن حيدر رضا، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي امجد احمد شيخ، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ابريز عباسي سميت لاڳاپيل ضلعن جا ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز پيش ٿيا. جسٽس امجد علي سهتو ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي سنڌ پوليس ڪٿي آهي، جنهن تي سرڪاري وڪيل آگاهي ڏني ته هو مصروفيت سبب پيش ناهي ٿيو

ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد عدالت کي آگاهي ڏني ته هو آءِ جي سنڌ معرفت پيش ٿيا آهن جڏهن ته ساڻن اي آءِ جي به گڏ آهي جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو پوليس عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان آءِ جي سنڌ کي گهرايو هو، مطلب اوهان ٻه ڊي آءِ جيز هڪ آءِ جي سنڌ جي برابر پيش ٿيا آهيو. جسٽس امجد علي سهتو اي آءِ جي کي چيو ته کيس تمام گهڻو افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته اوهان سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ناهيو بڻائي سگهيا. لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ وڏيرن جي حڪومت هلي ٿي، اتر سنڌ توڙي ٻهراڙين ۾ ڦورو ۽ چور ايترا آزاد ٿي ويا آهن جو غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي سندن عزتن سان کيڏي جانور ڪاهڻ سان گڏ سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان به کنيو وڃن پر پوليس عملدار کين تحفظ فراهم ڪري واقعن ۾ ملوث ڦورو گرفتار ڪرڻ بدران وڏيرن ۽ ايم پي ايز توڙي ايم اين ايز جي چرچ تي ٻڌي ڇوڙي وارو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف آهي. جسٽس امجد علي سهتو پوليس عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس کي لينڊ ڪروزر گاڏي مليل آهي جڏهن ته ايس ايس پيز به سرڪار پاران  مليل ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ گهمن ٿا، اربين رپيا بجيٽ ملڻ باوجود جيڪو کاتو عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت نه ڪري سگهي پوءِ ان جي هاڻي ڪهڙي ضرورت آهي؟

جسٽس امجد علي سهتو چيو ته هو اهو جج ناهي جو وڏي وزير کي گهرائيندو پر وفاق کي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جي ڪارڪرگي بابت ضرور آگاهه ڪندو ته جيئن کين ٻيهر پوسٽنگ نه ملي سگهي ۽ نه ئي وري هو لاڳاپيل ضلعن ۾ وڃي وڏيرن جي ونگار وهي سگهن. جسٽس امجد علي سهتو اي آءِ جي کان اهو به پڇاڻو ڪيو ته ڇا پوليس جي رڳو هاڻي اها وڃي ڊيوٽي بچي آهي ته هو زميندارن کي راضي ڪرڻ لاءِ سندن اشاري تي ووٽ نه ڏيندڙ ۽ اوطاق جي حاضري نه ڀريندڙ تي ڪيس پئي داخل ڪندي، اسان ته سنڌ پوليس کي ڪيترا ڀيرا پابند بڻايو آهي ته ڪڪڙن جا ميل بند ڪرايو اتي چور ۽ ڦورو گڏ ٿي رهزني ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪن ٿا پر اڄ تائين اوهان اهي ميل بند ناهيو ڪرائي سگهيا، پوليس جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي، اوهان رڳو شهرن ۾ ويٺا آهيو ٻهراڙين ۾ وڃي حالت ڏسو جتي چور ۽ ڦورو گهرن ۾ ڦرلٽ ڪري ماڻهن جي عزتن سان کيڏين ٿا اهي ڪنهن جي در دانهين جيڪي غير محفوظ بڻيل عزتن جي حوالي سان ڪنهن کي ڪجهه ٻڌائي به نٿا سگهن

جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته ڪچي ۾ 100 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري پاڻ کي وڏيرو سمجهندڙ جي چوڻ تي ايس ايس پي ته ڪم ڪري ٿو پر اوهان کان اتي ڌاڙيل نه پيا ماريا وڃن. ايس ايس پيز جي جيڪا ماضي ۾ عزت هئي اها انهن پاڻ وڏيرڪي نظام ۾ وڃائي ڇڏي آهي پر ياد رکجو ته اهي وڏيرا ڪنهن جا ناهن، اوهان انهن جو چوڻ نه وٺو اهي ڪم نڪرڻ کان پوءِ اوهان کي ڪڏهن به نه پڇندا. جسٽس سهتو پوليس عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي اندازو آهي ته ان عمل سان روڊ تي ون وي جي خلاف ورزي ڪندڙ به پوليس کي هاڻي ڪا اهميت نه ٿو ڏي. اسان سڀ سسٽم جو حصو آهيون، آئون به ڳوٺاڻو آهيان ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ذميواري ادا پيو ڪريان ان لاءِ هر اداري کي پنهنجي ذميواري سان ڪم ڪرڻ گهرجي پر واحد ادارو هاڻي پوليس وڃي بچيو آهي جيڪي پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار ناهن