بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ٿاڻي جي حد لانڍي اسٽاپ پوليس پڪٽ وٽ بنگوار برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو محمد پناهه گوڪلاڻي بنگوار ۽ سندس ڀائيٽو پرائمري استاد مراد علي گوڪلاڻي بنگوار ٿڏي تي قتل ٿي ويا، وارثن لاش ڪنڌڪوٽ ڪشمور انڊس هاءِ تي رکي ڌرڻو هنيو، وارثن گنهور، محمد رفيق، ٻانهون گوڪلاڻي بنگوار جو چوڻ هو ته 19 مهينا اڳ ڏوهاري ببي ريحانزي بنگوار گهوٽڪي ۾پوليس مقابلي دوران مارجي ويو هو. هنن چيو ته بنگوار برادري جي ڏوهارين مراد علي ۽ محمد پناهه کي گوليون هنيون، محمد پناهه موقعي تي قتل ٿي ويو ۽ استاد مراد علي زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان کڻائي وڃي رهيا هياسين ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. هنن چيو ته سموري علائقي کي معلوم آهي ته ڏوهاري ببي بنگوار کي پوليس مقابلي ۾ ماريو هو، اسانجو  ڏوھ اهو آهي ته اسان پوليس اهلڪار آهيون،  ببي بنگوار واقعي سان اسانجو ڪو به تعلق ناهي، بنگوار برادري جي ماڻهن پاڻمرادو انڊس هاءِ وي کولي لاش ٿاڻي تي آندا، جتان ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد بخشاپور رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. بخشاپور پوليس جو چوڻ هو ته ڏوهاري ببي بنگوار واقعي بعد ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. هوڏانهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪندي فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو