لاهور(م ڊ) ايڇ بي ايل پاڪستان سپرليگ 9 جي تيرهين ميچ ۾ پشاور زلمي سخت مقابلي کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڪپتان بابر اعظم جي سينچري ضايع ٿيڻ کان بچي وئي، نوجوان بالر عارف يعقوب 5 وڪيٽون وٺي اسلام آباد کان کٽيل ميچ زوري کسي ورتي. پشاور زلمي پهرين کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون، زلمي جي ڪپتان بابر اعظم 111 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، هن 63 بال کيڏي 2 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان سينچري ٺاهي. صائم ايوب 38 ، پال والٽر 19 ۽ آصف 17 رنسون ٺاهيون. اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان شاداب خان 2، آغا سلمان ۽ نسيم شاهه جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي، اسلام آباد جڏهن بيٽنگ لاءِ آئي ته ان جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون.  ڪولن منرو ۽ اعظم خان وچ ۾ ٿيندڙ زبردست ڀائيواري اسلام آباد کي موٽائي ڇڏيو ٻنهي شاندار ففٽيون هنيون پر ٻنهي جي هڪٻئي پويان آئوٽ ٿيڻ بعد پويان لائن لڳي وئي ۽ ائين پشاور زلمي ميچ 8 رنسن تان کٽي ورتي.