ڇا واقعي ساهميءَ جا پلڙا برابر ناهن؟

0
142
ڇا واقعي ساهميءَ جا پلڙا برابر ناهن؟

 جسٽس فائز عيسيٰ هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏيندي چيو آھي ته جڏهن ٻين محڪمن لاء لفظ ”معزز“ استعمال ناهي ٿيندو ته عدليه لاءِ اهو لفظ بار بار ڇو استعمال ڪيو ويندو آھي؟ دنيا جي عدالتي نظام ۾ تڪڙو انصاف ڏيڻ وارن ۾ اسان جو ڳاڻيٽو سٺي نمبرن ۾ نه ٿو ٿئي۔ اسان جي نظام ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ساهميءَ جا پُڙ ڪڏهن به برابر ناهن بيٺا۔ ڪڏهن ڪڏهن ته ڊوميسائيل جي بنيادن تي به انصاف جون گهرجون مختلف انداز سان پوريون ڪيون وينديون رهيون هيون۔ نواز ليگ ته ڪورٽس جي فيصلن کي ”سنڍ“ به سڏيو آھي۔ هن وقت جي عدالتي وايو منڊل ۾ عمران خان کي جنهن انداز سان رعايتون ملنديون رهيون آھن، ان جو مثال ويجهي ماضيءَ ۾ نٿو ملي. هيٺين ڪورٽن کان وٺي وڏين ڪورٽن تائين عمران خان لاءِ انصاف جي ديويءَ جي ترازو جا پڙ انتظار ڪندا رهيا۔ بحرحال تاريخ سڀني جي روين ۽ فيصلن کي پنهنجي ساھ ۾ سانڍيندي پئي وڃي، وقت ثابت ڪندو ته ڪٿي ڪٿي ناانصافيون ٿيون؟

                 ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان جون اڪثر جمهوري پارٽيون غيرجمهوري قوتن جي نرسريءَ مان واڌ ويجھ ڪري عوامي پارٽيون سڏرائين پيون. هر پارٽيءَ کي ڪٿان نه ڪٿان آشيرواد مليو ۽ اها اچي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺي. خان صاحب امپائر جي آڱرسان جيڪا پنهنجي سياست ۾ جدت آندي، اها هاڻي اچي نئين آرمي چيف سان ملاقات تي ختم ٿيندي نظر پئي اچي. هڪ مقبول عوامي پارٽيءَ جو سربراهه جڏهن هڪ 22 گريڊ جي آفيسر سان ملڻ لاء بيتاب هجي، تڏهن اهو سمجهجي ته آخر اها ڪهڙي مجبوري آھي، جو خان صاحب ملاقات لاءِ منٿون ڪندي نظر پيو اچي؟ هي اهو ماڻھو آھي، جنهن هن ڳجهي اداري جي سربراهيءَ کان هٽائي پنهنجي من پسند منش کي ان اداري جو چيف بڻايو. موجوده آرمي چيف قوم کي مسلسل اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته انهن جو هاڻي سياست سان ڪوبه تعلق ناهي. خان صاحب کي ادارن جو ”نيوٽرل“ رهڻ پسند ناهي. خان صاحب جي جيل ڀريو تحريڪ جي ناڪامي کانپوءِ عدليه مان جنهن انداز سان رليف مليو، اهو رليف سندس سياست لاء آڪسيجن کان گهٽ ناهي. عمران خان واحد اڳواڻ آھي، جنهن جو نظريو ۽ ترجيحون وقت سان گڏ تبديل ٿيندا رهن ٿا. اڃا 30 اپريل تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ دير آھي، ان ڪري خان صاحب جو ڪنهن هڪ هنڌ تي بيهڻ مشڪل لڳي ٿو. خان صاحب چواڻي ته هن جي خلاف ڪرپشن جو ڪيس ثابت نٿو ٿي سگهي. ٿوري دير لاءِ کڻي مڃي به وٺون ته سندس دور ۾ ڪا ڪرپشن نه هئي ته پوءِ بلين ٽري منصوبو، مالم جبا اسڪينڊل، رنگ روڊ ۽ بي آر ٽي منصوبن ۾ بي قاعدگيون ڪئين ٿيون؟ فرح گوگي ڪئين ارب پتي ٿي؟ خان صاحب جي پنهنجي آمدنيءَ ۾ ڪيئن واڌاروٿيو؟ پرويز الاهي جي فرنٽ مين جيڪي انڪشاف ڪيا، اهي ڪنهن جي کاتي ۾ وڃن؟ ملڪ ۾ هن وقت جيڪو معاشي بحران آھي، اهو ڪنهن جو پيدا ڪيل آھي؟ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدا ڪنهن پورا نه ڪيا؟

ملڪي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن. سياسي معاشي حالتن سان گڏ امن و امان جي صورتحال به سٺي ناهي. شھر شھري دهشتگردن جي رحم و ڪرم تي آھن، ته روڊ رستا وري ڌاڙيلن جي چنبي ۾ جڪڙيل آھن. شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن تي ڏوهارين هٿان ڪو عام ماڻھو ماريو يا ڦُريو نه ويو هجي. ماڻھن جون جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. هڪ طرف شھري ڌاڙيل ذخيره اندوزي، ملاوٽ ۽ ڪرپشن وسيلي ماڻھن کي لٽين ٿا ته ٻئي پاسي جهنگ جي ڌاڙيلن  پنهنجين ڪاررواين سان رڻ ٻاري ڇڏيو آھي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي ڪارروائيءَ دوران امن و امان بابت ٿيل انڪشافن کانپوءِ منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا. جئين ته منهنجو پنهنجو تعلق اهڙي ضلعي سان آھي، جتي ٿورين ٿورين ڳالهين تي انساني رت وهائڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي. سانجهي ٿيندي ئي روڊن رستن تي راڪاس گهمي وڃي ٿو. سفر کانپو صحيح سلامت گهر ورڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. ٽن صوبن ۽ ستن ضلعن جون سرحدون منهنجي ضلعي ڪشمور سان ملن ٿيون. ان ڪري هڪ طرف شڪارپور، سکر، گهوٽڪي، رحيم يار خان ۽ راجن پور جو ڪچو ته ٻئي طرف بلوچستان جي ڊيرا بگٽي جا پهاڙ ڏوهارين لاء محفوظ پناهه گاهه بڻيل آھن. سنڌ جي امن امان بابت ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جيڪي انڪشاف ٿيا، انهن جو ذڪرڪندي ڪنڌ شرم مان جهڪي وڃي ٿو. ڪجھ مهينا اڳ ڌاڙيلن پاران هڪ ويڊيو وائرل ڪئي وئي، جنهن ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل هڪ نوجوان سان بدفعلي ڪئي وڃي ٿي. نه صرف اهو پر هڪ باريش شخص سان به بدفعلي ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو. باقي مغوين جي تذليل ڪرڻ يا کين مار ڪٽ ڪرڻ معمولي ڳالھ سمجهي وڃي ٿي. انتها ته اها آهي، جو مغوين جي عورتن کي گهرائي، انهن جي لڄالٽ ڪري انهن جون نازيبا ويڊيوز ڊارڪ ويب تي اپلوڊ ڪيون ويون.

هاڻي سوچڻ جي ڳالھ اها آھي جو اسان جو قانون چند ڏوهارين آڏو اهڙو ته بيوس بڻيل آھي، جو انهن جي خلاف موثر ڪارروائي نه ٿو ڪري سگهي.  ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ڏوهارين وٽ اسان جي پوليس کان وڌيڪ جديد هٿيار آھن، پر اتي وري به اهو سوال اٿي ٿو ته اهڙا جديد هٿيار ايڏو وڏو سفر ڪري ڏوهارين تائين ڪيئن پهچن ٿا؟هاڻي به وقت ناهي ويو، جيڪڏهن حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جو عزم ڪري ڏوهارين جي نڪ ۾ ناڪيلي هڻي ته ڪا گهڻي دير نه لڳندي. جڏهن فوج وانا وزيرستان جهڙن علائقن مان تربيت يافته دهشتگردن جو صفايو ڪري سگهي ٿي ته ڪچي جا ڌاڙيل ڪهڙي باغ جي موري آھن؟ جيئن ڪورٽ سڳوري ان معاملي کي کنيو آھي، ان مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته  ڏوهارين ۽ سندن ساٿين خلاف هڪ بيرحم آپريشن ڪيو ويندو، جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.