ڪتاب ‘چارڻ چوريو چنگ’ تي هڪ نظر … ساجد چانڊيو

0
148

 صحافي ۽ اديب سماج جا ٻه اهڙا باشعور فرد هجن ٿا، جيڪي سماج ۾ ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڏاڍ کي پنهنجي هڪ زاويي ۾ ڏسندا ۽ محسوس ڪندا آهن. وٽن شين کي ڏسڻ يا پرکڻ جا پنهنجا معيار، پيراميٽر هجن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو صحافي ۽ اديب  سماج ۾ تبديلين جا محرڪ ليکيا ويندا آهن. صحافيءَ جو بنيادي ڪم عوام کي سياسي، سماجي، ادبي، علمي ڄاڻ ڏيڻ يا سياسي معاملن کان باخبر رکڻ آھي. اھو تصور نه رڳو تمام آڳاٽو آھي. پر، اڄ به اُن جي اھميت ساڳي آھي. ھاڻي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جي زماني ۾ صحافت ھڪ منظم سائنس بڻجي چڪي آھي. صحافت جي مقصدن ۾ پڙھندڙ کي سيکارڻ، عام راءِ متاثر ڪرڻ، سماجي براين تي چوڪسي رکڻ، کوج لڳائڻ، شھري ۽ بنيادي حقن جو بچاءُ ڪرڻ شامل آھن. شھري ۽ بنيادي حقن جي بچاءَ جي ذميواري ته صحافت تي ايتري عائد ٿئي ٿي، جو صحافت کي چوندا ئي “رياست جو چوٿون ٿنڀ” آھن.

                 سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ/ صحافي مولائي ملاح جو تازو ڪالمن تي مشتمل ڪتاب: “چارڻ چوريو چنگ”، مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب ۾ سندس وقت بوقت سنڌ، ملڪ ۽ بين الاقوامي سياسي، سماجي، اقتصادي مسئلن تي لکيل هڪ سئو چوڏهن ڪالم شامل آهن.

مولائي ملاح بنيادي طور هڪ صحافي آهي. وٽس مسئلن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ  لاءِ پنهنجو زاويو آهي.

هُو سياست، سماجي اُٿل پٿل، ناانصافين، ڏاڍ، جبر توڙي ڪرپشن وارين حالتن کي نروار ڪري عام ماڻهوءَ آڏو رکي ٿو. هن وقت جي حالتن کي جيئن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تن کي عوام، پنهنجن پڙهندڙن اڳيان ڪالم جي شڪل ڏئي پيش ڪيو اٿائين. سندس ڪالمن ۾ ڪابه لٻاڙ يا لفاظي نه ٿي ملي. هن پنهنجي لکڻين ۾ حالتن جو ايمانداريءَ سان سرسري جائزو ورتو آهي، جن کي جيئن جو تيئن، بيباڪيءَ سان صحافتي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن تي جس لهڻي.

هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي مضمون/ ڪالم وقتي آهن. جيڪي اڄ جي حالتن سان ٺهڪن ته نه ٿا پر، سندس ان قسم جا هن ڪتاب ۾ شامل ڪالم هڪ اهڙي دانهن آهن، جيڪا دانهن تاريخ ۾ پڙاڏو ٿي ضرور اڀرندي. عام طور اخباري ڪالم جي زندگي تمام مختصر ۽ ٿورڙي هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته حالتون هميشه ساڳيون ناهن هونديون، پر مولائي ملاح جي ڪتاب ۾ شامل ڪالم وقتي حالتن جو احاطو ڪن ٿا. جيڪا ان وقت جي تاريخ پڻ آهي. هي ڪتاب خاص طور تي تاريخ جي شائق ۽ صحافت سان دلچسپي رکندڙن لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي.

نامور برجستو اديب ۽ صحافي سائين انور ابڙو هن ڪتاب بابت معتبر راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: “مولائي ملاح جو  پنهنجن تحقيقي مضمونن ۽ ڪالمن واري ڪتاب: “پرهه جا پياڪ” کان پوءِ هي ڪتاب سندس روشن خياليءَ جو هڪ ٻيو باب آهي.

مولائي ملاح جهڙا ليکڪ، جيڪي ڏينهن رات پنهنجي اکين سان درد جو مشاهدو ڪن ٿا، ڏکن جا شاهد بڻجن ٿا، سي تاريخ ۽ ادب جي عدالت ۾ هن قسم جو بيان لکت ۾ ڏيئي پنهنجو ڪردار نڀائن ٿا.” ڪتاب: “چارڻ چوريو چنگ” جو مُهاڳ ناليواري اديب ۽ ڪالم نگار نصير ميمڻ لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب تي نامور اديبن سائين انور ابڙي، همسفر گاڏهي ۽ سرمد سهارڻ جا رايا پڻ شامل آهن. ڪتاب کي’مولائي پبليڪيشن محرابپور‘ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ڪتاب سماجي، سياسي حالتن جو هڪ اهڙو هڪ دستاويز آهي، جيڪو تاريخي حيثيت جو حامل آهي. سنڌ جي نوجوان نسل توڙي ادب ۽ صحافت سان چاهه رکندڙ دوستن کي هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجي لائبريريءَ جي سونهن بڻائڻ گھرجي. ڪتاب سان دوستي زندهه دل ماڻهن جي نشاني هوندي آهي.