چڪ (ن پ ا) چڪ ۾ قهر جي گرمي ۾ بجلي جي 18ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، شهري ڪاروبار بند ڪري روڊن تي نڪري آيا، ريلي، نٽهڻ اس ۾ پنج گهٽي چوڪ تي ڌرڻو، خبر موجب شهر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا. شهرين ريلي ڪڍي شهر جي مک پنج گهٽي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اظهر مهر، فقير جبار مهر، ذلفي شيخ، مجاهد شاهه ۽ ٻين چيو ته سيپڪو جو مقامي عملو ايڪسپريس فيڊر مان شهري علائقن کي ملندڙ بجلي غيرقانوني طريقي سان 42 ڳوٺن کي وڪرو ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري روزانو ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب نه رڳو ڪاروبار متاثر ٿيو آهي پر زندگيءَ جو ڪارونهوار ٺپ ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ ختم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايس ڊي او سيپڪو لکي چيو ته محمدآباغ ايڪسپريس فيڊر ۾ لوڊشيڊنگ جو شيڊول 12 ڪلاڪ آهي، وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪندڙ عملي خلاف جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.