چين ۾ هڪ شخص آفيس مان بيزار ٿي روڊ تي 14 هزار ڊالر اڇلائي ڇڏيا

0
414

بيجنگ: (دلچسپ نيوز) چين ۾ هڪ شخص آفيس مان بيزار ٿي روڊ تي 14 هزار ڊالر اڇلائي ڇڏيا جنهن کي فوري طور تي ماڻهن کڻي ورتو پر جڏهن ان شخص کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته هن پئسا واپس گهرڻ شروع ڪري ڇڏيا.چين جي صوبي فوجيان جي شي شي شهر ۾ 42 ساله هوانگ نالي شهري بينڪ مان 14 هزار کان وڌيڪ ڊالر ڪڍرايا جنهن کي هن روڊ تي ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب ڪاوڙ ۾ اچي اڇلائي ڇڏيا جنهن کي پاسي ۾ هلندڙ راهگيرن فورن کڻي ورتو.هوانگ جي آفيس جي دوستن ٻڌايو ته ان جو هي ڏينهن آفيس ۾ تمام گهڻو بور گذريو هو جنهن سبب هو ڪافي الجهن ۽ چڙچڙاهٽ جو شڪار هو.پئسا هٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ هوانگ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو هن پنهنجي غلطي مڃيندي پوليس کان مطالبو ڪيو ته ان کي پئسا واپس ڏياريا وڃن. پوليس اختيارين شهري مٿان ان عمل تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ۽ چيو ته هي هڪ غير مناسب رويو آهي جيڪو هن لاءِ پريشانين جو سبب بڻجي ويو آهي ۽ هاڻ هو عوام کان پئسا گهري رهيو آهي.دلچسپ ڳالهه اها هئي ته هوانگ جي اپيل تي ڪجهه ماڻهن پوليس سان رابطو ڪري کيس سندس پئسا واپس موٽائي ڏنا.