چين ۽ سعودي عرب پاران پاڪستان کي 13 ارب ڊالرز جو پئڪيج ڏيڻ جي خاطري

0
224

اسلام آباد: چين ۽ سعودي عرب پاڪستان کي 13 ارب ڊالرز جو پئڪيج فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي آھي ته هلندڙ سال چين قرض رول اوور ڪرڻ سميت 8 ڏهائي 8 ارب ڊالرز جي معاونت ڪندو

ھن چيو تھ پاڪستان کي 3 ڏهائي 3 ارب ڊالرز جا چيني ڪمرشل قرض به فراهم ڪيا ويندا، چين هڪ ڏهائي 45 ارب ڊالرز جي اضافي فنانسنگ به ڪندو

اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب پاران 4 ڏهائي 2 ارب ڊالرز جي اضافي رقم فراهم ڪرڻ جا امڪان آهن، سعودي عرب گوادر ۾ پيٽروڪيميڪل ڪامپليڪس به تعمير ڪندو