چيني صدر شي جِن پنگ جون آصف زرداري کي صدر چونڊجڻ تي واڌايون

0
28

چيني صدر شي جِن پنگ آصف زرداري کي صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن

چيني صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي

مختلف شعبن ۾ عملي سهڪار وڌائڻ لاءِ صدر آصف زرداري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاران به صدر آصف زرداري کي واڌايون ڏنيون ويون آهن

پنهنجي پيغام ۾ ايراني صدر چيو ته اُميد ته آصف زرداري جي صدارتي دور ۾ پاڪ ايران لاڳاپا وڌيڪ سگهارا ٿيندا، پاڪستان سان لاڳاپا وڌائڻ لاءِ ايران سدائين تيار آهي