وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ صلاح مشورا ڪري ورتا

0
29

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ صلاح مشورا ڪري ورتا  آهن

اسحاق ڊار پرڏيهي وزير، محمد اورنگزيب ناڻي جو وزير ۽ محسن نقوي وفاقي گهرو وزير ٿيندو

خواجه آصف کي دفاع، مصدق ملڪ کي توانائي، عطاء تارڙ کي سُڌ سماءَ ۽ احسن اقبال کي رٿابندي کاتو ملڻ جا امڪان، ذريعن جو چوڻ آهي ته جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي مامرن جو صلاحڪار ۽ طارق فاطمي کي خاص معاون بڻايو ويندو، غازي اختر کي انڊسٽري ۽ سلمان اختر کي بورڊ آف انويسٽمينٽ ۾ ذميواريون ملڻ جا امڪان آهن