ڄام نواز علي ڀرسان پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ڳورهاڙي ناري دم ڏئي ڇڏيو

0
251

ڄام نواز علي (رپورٽر) نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ تلا شاهه ۾ پاڻي جي واري تان سئوٽن ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل 22ورهين جي کنڊران خاصخيلي زخمن جا تاب نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، فوتي عورت شادي شده هئي 5مينهن جي حمل سان هئي، فوتين جي انگ ٻه ٿي ويو، هڪ هفتو اڳ گوليون لڳڻ سبب 45سالا محمد يعقوب خاصخيلي مارجي ويو هو، اڄ سندس نوجوان نهن به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي آهي، جهيڙي ۽ قتل جو ڪيس نئون آباد ٿاڻي تي ڇهن جوابدارن مٿان داخل آهي، نئون آباد پوليس ڇهن جوابدارن مان ٽي جوابدار گرفتار ڪيا آهن ٽن جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته قتل ۾ ملوث ٻيا جوابدار پوليس گرفتار نه ڪيا آهن، نئون آباد پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي.