نوابشاهه/ڄام صاحب (رپورٽر: اياز ڏاهري+بشير احمد شر) ڄام صاحب شھر جي اسٽيشن روڊ جي رھواسي جوابدار پيءُ جو مقدس رشتو لڄائي ڇڏيو، ڌيءُ کي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو رهيو ۽ چپ رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيندو رهيو. جوابدار گرفتار تفصيل موجب ڄام صاحب شھر جي اسٽيشن روڊ تي بي رحم پيءُ عنايت شر پاران پنھنجي 17سالن جي نياڻي پرويزان سان زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ تي نياڻي جي رڙين تي سندس گھر ڀرسان رھندڙ چاچي علي رضا اچي کيس بچائي ورتو ۽ نياڻي سميت ٿاڻي تي پھچي پنھنجي ڀاءُ خلاف ڄام صاحب ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. جڏھن ته علي رضا شر دانھيندي چيو ته اسان جي غير موجودگي ۾ منھنجي ڀاءُ پنھنجي نياڻي کي ڪيترائي ڀيرا زيادتي جو نشانو بڻائيندو رھيو پر نياڻي کي چپ رھڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيندو رھيو. جيڪا خبر مون کي هاڻ نياڻي جي ٻڌائڻ بعد پئي آھي ۽ وري گذريل رات دير سان نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀائٽيءَ جي رڙين تي مان پھتس ۽ کيس بچائي ٿاڻي تي کڻي وڃي اطلاع ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ عنايت الله خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي. جڏھن ته ڄام صاحب پوليس نياڻي کي وومين ٿاڻي نواب شاهه موڪلي ڇڏيو. ڄام صاحب پوليس جوابدار عنايت الله کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن متاثر نينگري پرويزان پنهنجو بيان ڏيندي چيو آهي ته والد مونسان ٻه ڀيرا زيادتي ڪئي ۽ منهنجي وڏي گونگي ڀيڻ حبيبان ۽ ننڍي ڀيڻ عذران سان به زيادتي ڪندو رهيو آهي، رات به والد زيادتي جي ڪوشش ڪئي جنهن تان مون رڙيون ڪيون ته چاچي وارن اٿي اچي بچايو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته والد ڇهن مهينن کان وٺي اسان ٽنهي ڀينرن کي گهر ۾ تالو ڏئي قيد ڪري ڇڏيو هو، والد ماءُ کي به بس مان ڌڪو ڏئي ماري ڇڏيو هو. هوڏانهن متاثر ٽنهي ڀينرن کي وومين ٿاڻي نوابشاهه حوالي ڪيو ويو. ايس ايس پي بينظير آباد پاران معاملي جو جاچ آفيسر مقرر ڪيل ايس ايچ او اقبال وساڻ ٻڌايو ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.