ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي قومي شاھراهه تي سنڌ گورنمينٽ طرفان ٽينٽ سٽي ۾ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپ ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ واريو سرڪاري دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن، ٽينٽ سٽي ۾ قائم ميڊيڪل ڪيمپ ۾ دوائون ٽيبل بجاءِ سرن جي ٺاھيل دڪي تي رکي ڪم هلايو پيو وڃي، جڏهن ته اڪثر دوائون اڻلڀ آهن، ان سلسلي ۾ ٽينٽ سٽي ۾ رھيل برسات متاثرن شڪايتون ڪيون ته ڊاڪٽر ويٺل ھوندا آھن پر دوا ناھي ملندي، ھتان جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي ته هتي معصوم ٻارڙا گيسٽرو ۽ مليريا ۾ مري رھيا آھن پر صحت کاتو رڳو خانا پوري ڪرڻ ۾ پورو آهي، ھنن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وڍي ٽينٽ سٽي ۾ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.