ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀريا روڊ ويجهو ڳوٺ نبي بخش راڄپر واسي 30سالن جو شادي شده نوجوان علي فقير راڄپر جيڪو پنهنجي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڪري ڀرياروڊ شھر کان گهر جو سيدو سامان خريد ڪري پنهنجي ڳوٺ اچي رھيو ھيو ته شاهه ڪاٽن فيڪٽري ڀرسان ھڪ نامعلوم ويگو ۽ ڪار ۾ سوار ھٿياربند پيڇو ڪري کنڀي کڻي ويا. ان موقعي تي اطلاع ملڻ تي وارثن پاران سندس ڀاءُ خادم راڄپر، راھب راڄپر، پرويز راڄپر ۽ ٻين نٽھڻ اس ۾ پڪاچانگ لنڪ روڊ تي ٽريفڪ بلاڪ ڪري سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڀاءُ جو ڪنهن به سياسي توڙي قومپرست جماعت سان ڪوبه تعلق ناھي، جيڪڏهن فوري طور بازياب نه ڪرايو ويو ته اسان قومي شاھراھه تي ڌرڻو ھڻنداسين. ھنن چيو ته اسان بروقت مقامي پوليس کي اطلاع به ڏنو پر پوليس سهڪار نه ڪيو. ھوڏانھن مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي واقعي جي ڪابه ڄاڻ ناھي.