ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي پوليس مبينا ڦورو عبدالرحيم ماڇي کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس جو چوڻ آھي ته گشت دوران مهاڻا پل وٽ مقابلو ٿيو، عبدالرحيم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب هڪ هفتو اڳ ڏهرڪي پوليس بابن بگٽي ۽ رحيم سولنگي کي ڏهرڪي مان ٿيل ڦر جي وارداتن واري الزام ۾ گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته بابن بگٽي اڃا پوليس ظاهر نه ڪيو آھي.