نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ڀاڻيجي جي پيدائش تي مامي مفت پيٽرول ورهائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ضلعي بيتول ۾ هڪ پيٽرول پمپ مالڪ ديپڪ سيناني جي ڀيڻ ٻارڙي کي جنم ڏنو جنهن تي هو تمام گهڻو خوش هو، ديپڪ ڀاڻيجي جي ڄمڻ جي خوشي ۾ گراهڪن ۾ مفت پيٽرول ورهايو جنهن تي عوام حيران ٿي ويو. ان حوالي سان ديپڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀاڻيجي جي ڄمڻ تي سوچيو ته ڪجهه انوکي نموني خوشي ملهايان جنهن بعد مون گراهڪن ۾ مفت پيٽرول ورهائڻ جو منصوبو جوڙيو. هن چيو ته صبح 9 کان 11 ۽ شام 5 کان 7 وڳي تائين پيٽرول پمپ تي وڏي رش هوندي آهي انڪري مون ان وقت گراهڪن کي 4 ڪلاڪن تائين 5 کان 10 سيڪڙو وڌيڪ پيٽرول ڏنو. هن ٻڌايو ته منهنجي ان خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گراهڪن منهنجو ڀرپورو ساٿ ڏنو.