ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) ڀان سيدآباد شهر ۾ ٽائون انتظاميه گم، ايس يو پي ڪارڪنن شهر ۾ ٻهارا کڻي صفائي ڪئي ۽ گڏهه تي ڊي سي ۽ ٽائون آفيسر جا نالا لکي شهر جو گشت ڪرائي انوکو احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ ڀان سيدآباد شهر ۾ ٻوڏ واري ايمرجنسي صورتحال باوجود به ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي انتظاميه منظر تان غائب ٿي ويئي آهي جنهن کانپوءِ شهر ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿي ويا آهن، اهڙي صورتحال بعد سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران مرڪزي نائب صدر روشن علي ٻرڙو جي اڳواڻيءَ ۾ ٻهارا کڻي ۽ لوڊر رڪشا ڪاهي شهر جي مين چونڪ کان وٺي ٽائون ڪاميٽي تائين صفائي ڪئي وئي، جڏهن ته گڏهه ڪاهي انهن گڏهن تي ڊي سي ڄامشورو، ٽائون آفيسر ڀان سيدآباد ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ جا نالا لکي شهر جو گشت ڪرايو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو چيو ته شهر ۾ ٽائون انتظاميه موجود ئي ناهي، ٽائون عملو صرف ڪوڙا بل ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، باقي شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، ايس يو پي ڪارڪنن شهر جي پاڻ صفائي ڪري ثابت ڪيو آهي ته ايس يو پي عوام جي هر ڏک ۾ گڏ آهي.