لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي او پي ايف ڪالوني ۾ نانگ تپيدار ڪفايت ڪيهر کي ڪکي وڌو، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کڻائي آيا، تپيدار جو علاج نه ٿيڻ تي وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي سان منهن ماري ڪري هڪٻئي مٿان لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو.سول لائين پوليس تپيدار کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وئي و جتي هو بيهوش ٿي ويو،ته پوليس اهلڪارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. تپيدار کي ٻيهر بيهوشي واري حالت ۾ساڳي اسپتال آندو ويو،جتي کيس طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو. ان موقعي تي تپيدار ڪفايت ڪيهر جو چوڻ هو ته نانگ جي ڪکڻ سبب گهر ڀاتين چانڊڪا اسپتال آندو، حالت خراب ٿيڻ باوجود عملو ۽ ڊاڪٽر علاج بهتر علاج نه ڪري رهيا هئا، شڪايت جو ازالو ڪرڻ بدران ايم ايس پوليس گهرائي گرفتار ڪرائي ڇڏيو.ٻئي پاسي اهڙي واقعي خلاف ڊاڪٽرن ۽ عملي اسپتال ٻاهران ڌرڻو هنيو،هوڏانهن لاڙڪاڻو شهري اتحاد جي صدر نياز ابڙو ۽ ٻين اڳواڻن وچ ۾ پئي چانڊڪا جي ايم ايس سميت پي ايم اي ۽ پيرا ميڊيڪل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ معافي تلافي بعد معاملي کي حل ڪيو ويو.