ڀارت: ڪمڀ ميلي جي ٽئين ڏينهن هڪ لک 84 هزار ڪورونا ڪيس رپورٽ

0
394

نئين دهلي: هندستان ۾ مذهبي تهوار ڪمڀ ميلي جي ٽئين ڏينهن تي ڪورونا وائرس جا 184000 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪورونا وائرس جي پابندين ۽ مصنوعي آڪسيجن جي گهٽتائي باوجود هندو ياتري وڏي انگ ۾ مذهبي تهوار لاءِ گڏ ٿيا آهن. برطانوي خابرو ايجنسي ’رائٽرس‘ مطابق ، هندستاني وزارت صحت جي انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 184،372 ڪيس رپورٽ ٿيا ، جنهن کانپوءِ هندستان ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو ڪل تعداد هڪ ڪروڙ 39 لک تائين پهچي ويو آهي. ساڳي وقت تي ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 1027 ماڻهن جي موت کانپوءِ هندستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو ڪل تعداد 172،085 ٿي ويو آهي.