سٺ سيڪڙو افزودگي “اسرائيلي دهشتگردي” جي قدم جو جواب آهي: ايران

0
335

تهران: ايران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته يورينيم جي افزودگي کي 60 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو فيصلو نتنز ايٽمي تنصيب مٿان اسرائيل جي ”ايٽمي دهشتگردي“ جو جواب آهي. هن يهودي رياست کي مخاطب ٿيندي چيو ته تهران جديد سينٽريفيوگ شروع ڪندو ۽ هاڻي بهتر يورينيم پيدا ڪندو ۽ اهو اسرائيل جي بدنام ڪردار جي جواب ۾ هوندو. هن چيو ته اسرائيل جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ايٽمي دهشتگردي، ۽ جيڪو اسان ڪري رهيا آهيون اهو قانوني آهي. ايران جي علائقائي حريف سعودي عرب ان معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تهران تي زور ڀريو آهي ته اهو ڇڪتاڻ گهٽائي.