ڀارت خلاف دنگل: راشد خان جي افغان مداحن کي اپيل

0
348
ڀارت خلاف دنگل: راشد خان جي افغان مداحن کي اپيل
ڀارت خلاف دنگل: راشد خان جي افغان مداحن کي اپيل

ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف اهم دنگل کان اڳ افغان ٽيم جي اسپنر راشد خان افغان مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته رڳو ٽڪيٽ خريد ڪندڙ ماڻهو ئي ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم اچن

راشدخان ٽويٽر تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته ڀارت خلاف اهم ميچ لاءِ پرجوش آهيان پر گذريل هفتي اسٽيڊيم ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي هئي ان تي مايوسي ٿي، پنهنجي ٽويٽ ۾ راشد خان چيو ته پنهنجي قومي جهنڊي کي اوچو ڪرڻ لاءِ ڪرڪيٽ جي افغان مداحن کي قانونن جو احترام ڪرڻو پوندو ۽ ميچ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ کانپوءِ ئي اسٽيڊيم اچڻو پوندو

ياد رهي ته 29 آڪٽوبر تي دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل ميچ دوران ڪيترائي مداح بنا ٽڪيٽ جي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا هئا ۽ اها وڊيو به وائرل ٿي هئي