ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته پارليامينٽ واحد ادارو آهي، جيڪو قانون سازي ڪري ٿو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان وٽ ايوانن مان ٺاهيل قانون به ختم ڪيا وڃن ٿا، هتي قانون نه پر فردن جي حڪمراني آهي، آئون ڪو لفظ ڳالهائيندس ته مشڪل ۾ پئجي ويندس، اڳ ئي مشڪل ۾ آهيان، آئيني طور هاءِ ڪورٽ جي جج کي سوموٽو ) پاڻ مرادو ڪارروائي ) جو اختيار نه هوندو آهي ، سنڌ ۾ هڪ جج سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو قانون ختم ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۾ چار ڀيرا درخواستون ڏنيون پر هن وقت تائين ٻڌڻي ناهي ٿي، اِهو ڪٿان جو قانون آهي؟ مهتا پيليس ۾ شادي تقريب جي اجازت نه ملڻ تي هڪ ماڻهو عدالت هليو ويو هو ، سندس درخواست تي مهتا پيليس کي گرلز ميڊيڪل ڪاليج بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي يو ويو آهي، اهڙي فيصلي خلاف به سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين، رڳو سنڌ حڪومت نه پر ٻين ادارن لاءِ به گهڻا تاثرات آهن، پارليامينٽ کانسواءِ ٻيو ڪوبه سُپريم ادارو ناهي، جيستائين امن قائم نه ٿيندو، اسان ترقي ڏانھن سفر نه ڪري سگھنداسين، امن کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ئي ڪونھي. ڪالهه مقامي ھوٽل ۾ هڪ اين جي او پاران پاڪستان ۾ امن ۽ پائدار ترقي جي سلسلي ۾ پارليامينٽ جو ڪردار ۽ استحڪام واري موضوع تي ڪوٺايل ٻن ڏينھن واري ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏھن تاريخ کي ڏسون ٿا ته اسانجي ملڪ ۾ انتھاپسندي واري شروعات 80ع واري ڏھاڪي ۾ ٿي، جڏھن ملڪ ۾ جمھوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لاڳو ڪيو، اسان سڀني کي خبر آھي ته انھيءَ انتھاپسنديءَ سبب اسان 2007 ع ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي اميد شھيد بينظير ڀٽو کي وڃايو. اسان 2008ع ۾ جڏھن حڪومت ۾ آياسين ته اسانجو واحد مقصد ملڪ ۾ امن آڻڻ ھو. اسان سوات ۾ آپريشن شروع ڪيو، ملڪ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن بحال ڪرايو. هن چيو ته اسيمبلين جو ڪم قانونسازي آھي پر قومي اسيمبلي منھنجي خيال ۾ ڪي نوان قانون نه پئي ٺاهي، جيڪو پارليامينٽ جو صحيح استعمال ناهي، ڪانفرنس ۾ چئني صوبن جا پارليامينٽيرينز موجود آھن، اسان کي ان بابت سوچڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته قانون سازي جي حوالي سان اسيمبلي ئي ھڪ واحد ادارو آھي پر افسوس آھي ته اسان جي پارليامينٽ جا قانون اڏايا ويندا آھن، تازو سنڌ ۾ اپريل مهيني ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارو قانون ختم ڪيو ويو آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارو قانون 1989ع ۾ ٺاهيو ويو ھو. وڏي وزير ڪانفرنس ۾ شريڪ پارليامينٽرينز کي ٿر جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته ٿرپارڪر ۾ موجود ڪوئلي جي ذخيري سان سنڌ حڪومت ڀرپور فائدو حاصل ڪري رھي آھي.

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيل قيد خانا نه پر اصلاح گهر هجڻ گهرجن. سنڌ حڪومت جيلن جي قانون ۾ ترميم ڪري نوان قانون جوڙيا آهن. گڏيل قومن جي سهڪار سان جوڙيل تربيتي مرڪز ذريعي قيدين کي سماج لاءِ ڪارآمد شهري بڻايو ويندو. ڪالهه هتي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جيلن جي نظام ۾ بهتري آندي آهي. جيل سڌارن کان اڳ ڏوهاري جيلن مان وڏا ڏوهاري ٿي ٻاهر نڪرندا هئا پر هاڻي انهن جي تربيت ڪري کين معاشري لاءِ ڪارآمد شهري بڻايو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ اڄ به امن امان جي صورتحال گهڻي قدر بهتر آهي. هن ٿرپارڪر جو مثال ڏيندي چيو ته اتان جو امن اڄ به ڪيترن ئي علائقن کان بهتر آهي. هن اعتراف ڪيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ منشيات جو واهپو وڌيڪ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خطرناڪ ڏوهارين لاءِ الڳ جيل ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن ننڍن ڏوهن ۾ سزا ڀوڳيندڙ ماڻهو انهن قيدين کان پري رهن ۽ جيل قيدين لاءِ ڏوهن جي نرسري ثابت نه ٿين. جيلن بابت صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي چيو ته ه ڪراچي ۾ ضلعي وار جيلن جي اڏاوت ڪئي وڃي، جيل آفيسرن ۽ عملي جي پگهارن واري اسٽرڪچر کي روائيز ڪيو وڃي، خالي پيل جاين تي نيون ڀرتيون ڪري جيل اسٽاف لاءِ نيون ڪالونيون اڏيون وڃن، تقريب کي آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو، گهرو معاملن بابت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، يو اين او ڊي سي جي نمائندي جيريمي ملسن، آءِ جي جيلز قاضي نذير احمد خطاب ڪيو