ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي شو “ڪرائم پٽرول” جون ٻه اداڪارائون ڌاڙي جي ڪيس ۾ گرفتارڪيون ويون آهن. ممبئي جي آر ڪي پوليس اداڪارا سوراڀي ۽ محسنه کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. ممبئي جي عدالت ٻنهي اداڪارائن کي 23 جون تائين رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.انڊيا ٽوڊي جي رپورٽ موجب ڪرائم پٽرول ۽ ساوڌان سميت ڪيترن ئي شوز ۾ ننڍا ننڍا ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارائون لاڪ ڊائون جي ڪري ڪافي ڏينهن کان پريشان هيون، 18 مئي تي اهي ممبئي جي آري ڪالوني ۾ انگ گيسٽ بڻجي ويون هيون، جنهن جو انتظام انهن جي هڪ دوست ڪيو هو. ان دوران اتي اڳ ئي تهندڙ هڪ عورت جي لاڪر مان 3 لک 28 هزار رپيا گم ٿي ويا. عورت ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي شڪ ظاهر ڪيو ته رقم سوراڀي سريندا ۽ محسنه مختار شيخ نالي اداڪارائن چوري ڪئي آهي. جاچ دوران ٻنهي اداڪارائن کي رقم جا بنڊل گڏ نيئندي ڏٺو ويو،