ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور اداڪاره، پريمي سان تعلق تي اعتراض ڪرڻ تي پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس لاش کي ساڙي جهنگ ۾ لڪائي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا مطابق پوليس جو چوڻ آهي ته اداڪاره شنايا ڪتوي پنهنجي دوست راياش سان گڏ پنهنجي ڀاءُ راڪيش کي ماري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته 12 اپريل تي جهنگ مان هڪ سڙيل ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ويڙهيل لاش مليو، جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته لاش بار تي ڪم ڪندڙ نوجوان راڪيش جو آهي، جيڪو گم ٿي ويو هو. پوليس اهلڪارن مطابق ، جڏهن معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته راڪيش، اداڪاره شنايا ۽ نياز جي وچ ۾ محبت ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هو ، تنهن ڪري هن کي قتل ڪيو ويو ۽ هن جو لاش جهنگ ۾ اڇلايو ويو. ڀارتي ميڊيا مطابق ، پوليس اداڪاره شنايا، نياز ۽ انهن جي ٽن دوستن کان جاچ ڪئي ته معلوم ٿيو ته نياز جا گهروارا پڻ راڪيش جي قتل ۾ ملوث آهن.