ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار شهريار منور انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا پاڻ فون ڪري ٻڌايو ته هن جي والده منهنجي مداح آهي، هڪ شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو آهي ته پريانڪا سان گڏ هڪ اشتهار ۾ بطور اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪم ڪيو، اشتهار فون جو، جنهن ۾ مان پريانڪا کي بلون هنيو،بلون جي دروان پريانڪا منهنجو نالو کڻي مون کان مخاطب ٿي، جنهن سان مون کي ڌچڪو لڳو ۽ مان دل پڪڙي ليٽي پيس ته پريانڪا کي منهنجي نالي جي خبر آهي، ان کانپوءِ پريانڪا مون کي چيو ته منهنجي والده توهان جي فين آهي، هوءَ هن وقت منهنجي وينيٽي ۾ موجود آهي، ڇا توهان اسان کي جوائن ڪندئو”، شهر يار منور جو چوڻ هو ته ان کانپوءِ مان پريانڪا ۽ انجي والده سان ملاقات ڪئي جيڪا سٺي رهي، ان جي والده مون سان گڏ تصيرون به ڪڍيون،