ٿرڙي محبت ڀرسان بجليءَ جي تار مان لڳل خوفناڪ باهه 6 گهر ساڙي ڇڏيا

0
245

ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت ڀرسان بجليءَ جي تار مان لڳل خوفناڪ باهه 6 ڳوٺاڻن جا گهر ساڙي ڇڏيا، ڳوٺ بابل ڪلهوڙو ۾ باهه سبب گهرن ۾ رکيل اناج ۽ هنڌ بسترن سوڌو الهه تلهه سڙي رک، اطلاع باوجود انتظامي فائر برگيڊ نه اُماڻي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي ورتو، باهه متاثر خاندان ٻچن سوڌو کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل، ٽنڊو الهيار ڀرسان راشد آباد ۾ باهه سبب کوسا برادري جا 4 گهر سڙي ويا، رهواسين گڏيل ڪوشش سان باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو، متاثرن جو چوڻ آهي ته پاڙي جي ٻارن راند کيڏڻ دوران گهرن کي باهه ڏني هئي.