اسلام آباد(م ڊ) حڪومت جي اتحادي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي نئين آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم شهباز شريف جي حوالي ڪري ڇڏيو. نجي ٽي وي جي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته پ پ جو اسلام آباد ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو معاملو وزيراعظم شهباز شريف پاڻ ڏسندو. پ پ جو موقف آهي ته وزيراعظم آئين ۽ قانون موجب مقرري ڪري وزيراعظم جنهن کي به نئون آرمي چيف لڳائيندو اهو سپهه سالار هوندو. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته منهنجو ڪو به فيورٽ نه آهي، مون کي سمورن آفيسرن جي قابليت تي يقين آهي.