پ پ اڳواڻ غلام قادر مري جي ڏوهٽي جي درخواست تي نوٽيس جاري

0
267
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پ پ اڳواڻ غلام قادر مري جي ڏوهٽي درياءَ خان مري جي درخواست تي ايس ايس پي ميرپورخاص سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 5 جولاءِ تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايڊووڪيٽ سلامت لاکي پنهنجي پٽ اسد جي مبينا اغوا جو الزام هڻي اسان خلاف ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ سيشن جج ميرپور خاص جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست تي لاڳاپيل عدالت مون سميت والد ۽ نانا غلام قادر مري سوڌو 15 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، اسان جو ڄاڻايل معاملي سان ڪو تعلق ناهي ان لاءِ هيٺين ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيڻ کي روڪيو وڃي. وڪيل آگاهي ڏيندي چيو ته درخواست گذار 18 مئي تي ايڊووڪيٽ سلامت لاکي ۽ ٻين تي سلطان آباد ٿاڻي پهچي حملي ۽ ڦرلٽ جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ڪري هاڻي کين انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايس پي ميرپور خاص, ايس ايڇ او اولڊ ميرپورخاص ۽ ايڊووڪيٽ سلامت لاکي کي نوٽيس جاري ڪندي 5 جولاءِ تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.