گهوٽڪي: ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪندڙن جي ضمانت منظور

0
218
اغوا ڪيس: 4جوابدارن

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي جي عدالت ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪندڙ سرپئنچ بالاچ شاهاڻي سميت ٽن ڄڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ ڪارنهن معاملي جي ٿيل جرڳي ڪيس ۾ نامذد جرڳو ڪندڙ بالاچ خان شاهاڻي، حبيب الله واسو ۽ عبدالخالق واسو پنهنجي وڪيل ارشاد سومرو معرفت ضمانت ڪرائڻ لاءِ عدالت پهچي درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت هڪ هڪ لک روپين جي عيوض 29 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، جرڳي ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ٿيڻ بعد عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيندي بالاچ خان شاهاڻي ۽ حبيب الله واسو چيو ته سياسي طور جرڳي جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي اسان ڪوبه جرڳو ناهي ڪيو، واضح رهي ته سڱ نه ڏيڻ ۽ ناري فهميده واسو جي شادي ٻئي هنڌ ڪرائڻ واري معاملي بعد بالاچ خان شاهاڻي وٽ جرڳي بابت ٽائيم نيوز ۾ خبر نشر ٿيڻ جو ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو هو جنهن ٻنهي ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪري اهڙي رپورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي حوالي ڪئي هئي.