پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي پيرول ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ

0
327

سکر: پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي پيرول ۾ وڌيڪ 48 ڪلاڪن جي واڌ ڪئي وئي آهي. خورشيد شاهه پنهنجي ڀائٽيي عديل شاهه جي وفات تي ٻه ڏينهن اڳ پيرول تي آزاد ٿيو هو، سندس ڀائٽيو عديل شاهه ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو هو. خورشيد شاهه کي سنڌ جي گهرو کاتي پاران پيرول تي آزاد ڪيو ويو، هو نيب ريفرنس ۾ حراست هيٺ آهي