فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ ۾ انگريزن جي دور ۾ تيار ٿيل ريسٽ هائوس برساتن بعد ڊهي پيو، عملو وڻن ويٺان ويهي ڪم سرانجام ڏيڻ لڳو، برسات سبب ريسٽ  هائوس جا چار ڪمرا ڪِري پوڻ بعد آبپاشي ۽ روينيو کاتن جو رڪارڊ ضايع ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو. رپورٽ موجب فيض گنج تعلقي جي هيڊ ڪواٽر پڪاچانگ ۾ انگريز دور ۾ تعمير ڪرايل قديمي ريسٽ هائوس ڇهه مهينا اڳ برساتن بعد ڊهي تباهه ٿي ويو. قديمي ريسٽ هائوس جا ايس ڊي او آفيس، ڪئنال اسسٽنٽ، پي ٽي سي ايل آفيسن وارا ڊهي پوڻ بعد گذريل 6 مهينن کان سرڪاري عملو وڻن هيٺان ويهي ڪم ڪار ڪرڻ لڳو آهي. ريسٽ هائوس جا  رهيل ڪمرا به زبون حال هجڻ ڪري عملو هر وقت خوف واري صورت ۾ ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هيڊ ڪلارڪ گلزار ڀٽي، فرمان علي، انور نظاماڻي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ريسٽ هائوس ڊهڻ سبب قيمتي سرڪاري رڪارڊ ملبي هيٺ دٻيل آهي. ريسٽ هائوس جي چوديواري به ڊهي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ريسٽ هائوس کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي.