حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ نينگر جي اغوا واري ڪيس ۾ عمرقيد جي سزا ڀوڳيندڙ جوابدار محبوب عرف محرم رند کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته دهشتگردي جي انت واري عدالت 26 فيبروري 2014ع تي جوابدار محبوب عرف محرم رند کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. مارڪيٽ پوليس 2021ع دوران هيرآباد جي رهواسي عبدالطيف جي فرياد تي سندس پٽ عبدالحق جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو هو. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته جوابدار محبوب رند ساٿين سڪندر، غلام رسول، شبير احمد ۽ محمد بخش سميت 5 ڄڻن هم صلاح ٿي سندس 13 ورهين جي نينگر کي اغوا ڪري ڀنگ لاءِ لڪايو. ڪيس جو ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت مک جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته 4 ڄڻن کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪيو هو. جوابدار سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي. اپيل تي ٻڌڻي بعد عدالت سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي کيس بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.