لاڙڪاڻو/پکو (نمائندن وٽان) پکو ۾ مٽي جو تيز طوفان لڳڻ دوران گهر جي ڀت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ورهين جي نينگري عائشا ڌيءَ محمد صديق چنو سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ تصديق ڪئي وئي. هوڏانهن ايمبولينس نه ملڻ ڪري وارث لاش ٽيڪسي ۾ گهر کڻائي ويا، نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا.