پڊعيدن (ن پ ا) ٺاروشاهه جي ڳوٺ خدابخش سيال جي رهواسي معشوق سيال عورتن ۽ ٻارڙن کي ساڻ ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ سڪندر سيال جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي معشوق سيال، صائمه، ڪونج، شاهد، رابعا، علي وارث، عزيزان سيال ۽ ٻين ٻارڙن کي ساڻ ڪري احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ سڪندر سيال منهنجي زال نائلا کي ورغلائي 15 ڏينهن منهنجي گهران ڪڍي ويو آھي ۽ سون ۽ ٻيو سامان به کڻي ويو آھي ۽ ھاڻ نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو سراسر ناجائز آھي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ناجائيزي ڪندڙ سڪندر سيال خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سندس زال واپس ڪرائي ڏني وڃي.