ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ محمد عرس جمالي ۾ ٻڪريون فصل ۾ پوڻ تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ هڪ ڌر جو محمد اسلم جمالي ۽ ٻي ڌر جا امداد ۽ رحيم خان جمالي زخمي ٿي پيا، زخمين کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته جھيڙي جو ڪيس داخل نه ٿيو.