اسلام آباد/ڪراچي (م ڊ) پي ڊي ايم اجلاس بابت پيپلزپارٽي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم شوڪاز نوٽيس تي معافي وٺي ته معاملو ٺهي سگهي ٿو، پي ڊي ايم نام نهاد اتحاد آهي ان سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته اسان کي احتجاج يا مظاهرن جو ڪو اطلاع ناهي، پ پ پي ڊي ايم جي عهدن تان استعيفا ڏئي چڪي آهي، ايندڙ قدم پنهنجي اتحادي اين پي سان گڏجي کڻنداسين، هن چيو ته اهڙي ڪنهن اتحاد جو حصو نه ٿينداسين جيڪو اسان کي ڊڪٽيشن ڏئي، پ پ پي ڊي ايم جي باني آهي، اسان ڇو انهن وٽ وڃون؟ عوام وٽ جوابده آهيون. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته اسان استعيفائون نه ڏنيون پر پي ڊي ايم جون استعيفائون ڪيڏانهن ويون؟ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته هي پي ڊي ايم نه هم خيال گروپ جو اجلاس هو، پي ڊي ايم ان جماعت جو مجموعو هو جنهن ۾ پ پ ۽ اي اين پي شامل هئي، هي حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي سان ڳالهائندي نيئر بخاري چيو ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کانسواءِ پي ڊي ايم جو اتحاد نام نهاد آهي، پيپلز پارٽي پي ڊي ايم سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان به صاف انڪار ڪري ٿي،پي ڊي ايم جي هڪ اجلاس ۾ به فيصلو نه ٿيو هو ته لانگ مارچ دوران استعيفائون ڏينداسين، پي ڊي ايم جو نالو استعمال ڪري هي جيڪي فيصلا ڪري رهيا آهن، اهي ڪهڙا فيصلا ڪن ٿا، ڪيڏانهن ويو هنن جو لانگ مارچ؟ استعيفائون ڪيڏانهن ويون؟ پنجاب اسيمبلي ۾ استعيفائون ڇو نه ٿا ڏين. هن چيو ته پيپلزپارٽي محتاج جماعت ناهي، پي ڊي ايم شوڪاز نوٽيس تي معافي وٺي ته معاملو ٺهي سگهي ٿو. اسان اڪيلا ناهيون، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر حڪومت خلاف اپوزيشن ڪندا هنداسين.