پي ٽي آءِ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ پنهنجي ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو

0
137
پي ٽي آءِ وزيراعظم جي

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ وزيراعظم جي چونڊ بابت پنهنجي ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو آهي، پارٽي سيڪريٽري جنرل اسد عمر طرفان پي ٽي آءِ ميمبرن کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ کين نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي چونڊ دوران قومي اسيمبلي جا سمورا ميمبرز ايوان ۾ موجود رهندا

خط ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي وزيراعظم جي اميدوار شاهه محمود قريشي کي ووٽ ڏين، جڏهن ته ووٽ نه ڏيڻ وارن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته پارٽي پاليسي تي عمل نه ڪندڙ ميمبر خلاف آرٽيڪل 63 اي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن تحت کيس پارٽي مان برطرف ڪيو ويندو ۽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان نااهل ڪيو ويندو

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس منجهند 12 وڳي ٿيندو، انڪري سمورا ميبمرز اجلاس ۾ شرڪت کي يقيني بڻائين

ھي به پڙھندا

عمران خان چونڊيل وزيراعظم هو، هن کي پرويز مشرف سان نه ڀيٽايو: چيف جسٽس