عمران خان چونڊيل وزيراعظم هو، هن کي پرويز مشرف سان نه ڀيٽايو: چيف جسٽس

0
257
تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ واري آمريڪي خط جي جاچ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شهري مولوي اقبال حيدر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار مولوي اقبال حيدر موقف اختيار ڪيو ته مخالف ڌر وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي هئي جنهن تي عمران خان پهريان خاموش رهيو، پوءِ خط ڏيکاريو ۽ چيو ته سندس حڪومت خلاف سازش ٿي رهي آهي

درخواست ۾ چيو ويو ته آمريڪي اختيارين ڊپلوميٽڪ ڪيبل جي ترديد ڪئي آهي، ان ڪري خط جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته توهان معاملي تي سياست ڇو ڪري رهيا آهيو، اها رياست جي ذميواري آهي، توهان عدالت ۾ ڇو آيا آهيو؟

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان جي عدالت کان ڪهڙي درخواست آهي؟ جنهن تي مولوي اقبال حيدر چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن ان ڪري معاملي جي انڪوائري جو حڪم ڏنو وڃي، گهرو سيڪريٽري جو فرض آهي ته هو مبينا خط جي جاچ ڪري، وفاق جي ذميواري هئي ته مامري جي جاچ ڪرائي ها ۽ هن مامري کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃي ها

مولوي اقبال حيدر موقف اختيار ڪيو ته عمران خان، فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد جا نالا به اي سي ايل ۾ وڌا وڃن، ڄاڻايل ماڻهن جي خلاف سنگين غداري جو ڪيس هلائڻ جي لاءِ شڪايت ٽرائل ڪورٽ کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو وڃي

مولوي اقبال حيدر چيو ته هن جنرل پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ سان به رجوع ڪيو هو ۽ منهنجي درخواست تي پرويز مشرف خلاف ڪارروائي ڪئي ٿي، چيف جسٽس چيو ته عمران خان چونڊيل وزيراعظم هو، هن کي پرويز مشرف سان ڀيٽايو، جنهن بعد عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ھي به پڙھندا

برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ بي بنياد ۽ ڪوڙي آھي: آءِ ايس پي آر