پي ايس ايل تي اڃا غيريقيني برقرار، ٽيمن جا سمورا رانديگر نه پهچي سگهيا

0
461

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپرليگ جي باقي رهيل ميچن جي راهه ۾ رنڊڪون ته ختم ٿي رهيون آهن پر ان تي اڃاتائين غيريقيني جا ڪڪر ڇانيل آهن. نه ته اڃا تائين ڪراچي ۾ رهيل 25 رانديگرن جون ويزائون جاري ٿيون آهن، نه آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي رانديگرن جي آمد جي پڪ ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري باقي رهيل ميچن جون شيڊيول ئي پڌرو ڪيو ويو آهي. ان سلسلسي ۾ مليل معلومات موجب ڪورونا وائرس جي ڪري پي ايس ايل جون ملتوي ٿيل ميچون ابوظهبي ۾ ٿيڻ واريون آهن پر ان سلسلي ۾ اڃا ڪيترائي مونجهارا برقرار آهن. ابوظهبي مان اڃا تائين ڪوئيٽا گليڊيئيٽر جي ڪپتان سرفرار احمد سميت 25 رانديگرن کي ويزائون جاري نه ڪيون ويون آهن جنهن ڪري اهي رانديگر لاهور ۽ ڪراچي ۾ ئي موجود آهن ۽ بائيو سيڪيور ببل ۾ هوٽلن ۾ رهن پيا. جڏهن ته آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي رانديگرن جي ابوظهبي آمد بابت به ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي. انهن رانديگرن جي شموليت به غيريقيني آهي. ابوظهبي پهتل ٽيمن جا اسڪواڊ اڻپورا آهن. ان ڪري فرنچائز به سخت مونجهارن جو شڪار آهن. پي سي بي اڃا تائين رهيل ميچن جو شيڊول به جاري نه ڪري سگهي آهي. رانديگرن ۽ براڊ ڪاسٽرز جي وقت سر نه پهچڻ جي ڪري ميچون التوا جو شڪار آهن. پي سي بي ذريعن تمام جلد سمورا معاملا ڪليئر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.