ٽينس جو ٻيو وڏو ايونٽ فرينچ اوپن اڄ کان پيرس ۾ شروع

0
324

پيرس(اسپورٽس نيوز) هلندڙ سال جو ٻيو وڏو گرينڊ سليم فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو 125 هون ايڊيشن آچر (اڄ) کان پيرس ۾ شروع ٿي رهيو آهي. ان لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ايونٽ ڪلي (مٽي) ڪورٽ تي کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ناليوارا رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا، ميگا ايونٽ ۾ مينز سنگلز، ويمنز سنگلز، مينز ڊبلز، ويمن ڊبلز ۽ مڪسڊ ڊبلز جا مقابلا ٿيندا. اسپين جو رافيل نڊال مينز، پولينڊ جي آئيگا سوياٽڪ ويمنز ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندي. مينز ڊبلز ۾ ڪيون ڪريويٽز ۽ اينڊريس ميز، ويمنز ڊبلز ۾ هنگري جي ٽميا بابوس ۽ فرانس جي ڪرسٽينا ميلا ڊينوڪ اعزاز جي دفاع لاءِ ميدان ۾ لهندا. هي ايونٽ 30 مئي کان 13 جون تائين هلندو.