پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ جي نوجوان صحافي ۽ پريس ڪلب پيرجوڳوٺ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري وسيم گھمرو تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آهن، جنهن خلاف پريس ڪلب پيرجوڳوٺ ۽ پريالو جي صحافين لالا محمد سماعيل جاگيراڻي، بلال جوڻيجو، غلام اصغر خاصخيلي، سعيد احمد چنو۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي قلم ڌڻين دانهيندي چيو ته صحافي وسيم گھمرو مٿان قاتلاڻي حملو ڪندڙ جوابدار ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس گرفتار ناهن ڪيا، جوابدار صحافي کي ڌمڪيون پيا ڏين، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري صحافي کي تحفظ ڏنو وڃي.