پنگريو(ن پ ا) پنگريو ڀرسان ايل بي او ڊي جي 211آر ڊي تي پاڻي جي قدرتي وھڪري کي بحال ڪري ڪٽ لڳائڻ تان ٿرپارڪر ضلع  جي ڪلوئي ۽ ڀٽارو يونين ڪائونسلن جا سوين ماڻھون پھچي ويا. قانون لاڳو ڪندڙ فورس سميت ضلعي بدين ۽ ٿر جي پوليس کاتي جا سوين اھلڪار به سر زمين تي پھتا، متاثرين سخت نعري بازي به ڪندي نظر آيا. سندن چوڻ ھو ته قدرتي وھڪري کي ڪٽ ڏئي بحال ڪرڻ سان پاڻي جو دٻاء وڌي ويندو۽ ھو ٻڏي ويندا ٻي پاسي  پراڻ ڍوري جو گھارو 15ڏينھن به ٻڌجي نه سگھيو آھي جنھن ڪري پاڻي جو دٻاء  پنگريو ۽ آسپاس موجود آھي. ھوڏانھن  چوٿين ڏينھن به برسات پئي جنھن ڪري رستن تي کلي آسمان ھيٺ ويٺل متاثرن جا ھيڻا  حال ٿي ويا ٻي پاسي پنگريوايل بي او ڊي سميت برانچ ڊرين ۽ ايم ايم ڊي ۾ چاڙھ اچي ويو پنگريو جي علائقي زيرو پوائينٽ کان بدين ضلعي جو جھڏو لڳ قائم شھر حيات خاصخيلي منڇر ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي.