خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بري صحبت کان منع ڪرڻ تان ڀائٽي هٿان چاچو قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. خبر موجب خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نظاماڻي پاڙي ۾ جوابدار صدام پٽ زوار ٽالپر بري صحبت کان منع ڪرڻ تان ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي چاچي مير اقبال پٽ شير محمد ٽالپر مٿان ٽي ٽي پستول جو فائر ڪري کيس شديد زخمي ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار جاءِ واردات تان فرار ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي مير اقبال ٽالپر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايو، جتي هو زخمن جا سُور نه سهندي فوت ٿي ويو. مقتول جو لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.