پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل مان کنڀيل ڀائر ظاھر نه ٿيا ، کنڀڻ واري سي سي ٽي وي ويڊيو سامھون اچي وئي، قاسم آباد جي انڊر ٽريننگ مختيارڪار آصف ڪلوڙ ۽ سندس ڀاءُ ڪڻڪ جي واپاري غلام علي ڪلوڙ کي ٻه ڏينهن اڳ پنوعاقل مان کنڀڻ واري ويڊيو سامھون اچي وئي آھي ،ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڪاري ويگو تي سوار ھٿياربند يو ٽي مختيارڪار قاسم آباد آصف ڪلوڙ ۽ سندس ڀاءُ واپاري غلام علي ڪلوڙ کي پنوعاقل شھر ۾ دوڪان تان کنڀي کڻي وڃي رھيا آھن ، ٻه ڏينهن اڳ ڪاري ويگي تي سوار ھٿياربندن پنوعاقل شھر ۾ يو ٽي مختيارڪار جي ڀاءُ جي دوڪان تي چڙھائي ڪري يو ٽي مختيار ڪار آصف ڪلوڙ ۽ سندس ڀاءُ واپاري غلام علي ڪلوڙ کي کنڀي کڻي ويا ، جڏھن ته پنوعاقل پوليس جو چوڻ آھي ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون ، ھوڏانھن وارثن پاران ٻنھي ڀائرن جي واپسي لاءِ ايس ايس پي سکر ڊي آئي جي سکر ۽ آئي جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي