ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي خاص عدالت  ڪورنگي جي ڊي سي آفيس  تي حوالي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي ارسلان تاج کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان چالان طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران  ارسلان تاج جا امڙ سان ملاقات وارا جذباتي منظر نظر آيا، ماءُ پنهنجي پٽ کي ڏسي غمگين ٿي وئي، ارسلان ماءُ کي ڀاڪر پائي کيس حوصلو ڏنو، ھوڏانھن عدالت پي ٽي آءِ  ايم پي اي شاھنواز جدون کي نيٽي جيٽي پل تي ڌرڻو ھڻڻ ۽ ڀڃڊاهه ڪرڻ واري ڪيس ۾ ٻن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف ڪراچي ۾ مختلف ھنڌن تي ڌرڻا هڻڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ وارن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي  فردوس شميم نقوي، عالمگير خان، سعيد آفريدي، راجا اظھر سميت 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن جون عبوري ضمانتون منظور ڪري ورتيون، رڳو حليم عادل شيخ ڪيس داخل ھئڻ باوجود ڪنھن به عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ نه ئي ضمانت ڪرائي، انهي کان اڳ  پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، شاهنواز جدون، سعيد آفريدي، ڊاڪٽر مسرور سيال ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا