ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا عليزي شاهه چيو آهي ته پنهنجي منهن تي ڪابه شيءَ سٺي نٿي لڳي. تفصيل موجب اداڪارا عليزي شاهه ساٿي اداڪارن ياسر نواز ۽ نعمان سميع سان گڏ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا. ميزبان هڪ سوال ڪيو ته اوهان کي پنهنجي منهن ۾ ڪهڙي شيءَ وڌيڪ پسند آهي؟ جنهن جي جواب ۾ عليزي شاهه چيو ته پنهنجي منهن ۾ مون کي کوٽون ئي کوٽون نظر اچن ٿيون، ڪابه شيءَ سٺي نٿي لڳي.