پنهنجي تصوير ڪهاڻي پنهجي روزي ۾ عيب ڪهڙو ؟

0
197

پنھنجي روزي پنھنجي آھي ان ۾ عيب ڪھڙو جي ھا دوستو اھڙا الفاظ اوھان ھميشه انھن نوجوانن کان ٻڌنڌا ٿا اچو جيڪي صرف اھڙا لفظ گالھائيندا آھن انھن تي عمل ناھن ڪندا ڇوجو عمل واري زندگي ئي ٻي آھي، مان ريڙھي ھلايان، مان وري مزدوري ڪيان يا مان وري اھو ڪم ڪيان، نوجوان عيب جو لفظ جلدي چوندا آھن پر جڏھن عمل جي ڳالھه ايندي آھي ته مان وارو لفظ زبان تي اچي ويندو آھي، مان ريڙھي ھلايان دوست ڇا چوندا مائٽ ڇا چوندا ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آھي ، منھنجو نالو نظير ميمڻ آھي مان ريڙھي ھلائيندو آھيان پڙھيل آھيان ، نوڪري جي خلاف آھيان منھنجي دلچسپي پنھنجي ڪاروبار تي آھي مان پنھنجي ڪاروبار سان عشق ڪندو آھيان، ريڙھي ھلائيندي مونکي شرمندگي محسوس ناھي ٿيندي منھنجي روزي آھي ۽ مان سڄو ڏينھن ريڙھي ھلائي شام جو گھر اٺ نو سئو کڻي ايندو آھيان ڪڏھن ڪڏھن ھزار ٻارنھن سئو به بچندا آھن شڪر آھي منھنجو وقت سٺو ٿو گذري، بيروزگار نوجوانن کي نوڪري جو آسرو مليل ھوندو آھي ان نوڪري جي آسري مھينن جا مھينا سالن جا سال ويٺا ھوندا آھن ، پر پنھنجي ڪم ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندا به ناھن، ڪو به ڪم ٺھيل ٺڪيل ناھي ملندو ھرڪم ۾ توھان کي محنت ڪرڻي پوندي ڀلي پوءِ اھا نوڪري ئي ڇو نه ھجي ، نوڪري ملي به وئي ته پگھار 15 کان 18 ھزار ملندي ، نوڪري دوران توھان ڪنھن مائٽ مٽ جي شادي ۾ نٿا وڃي سگھو ، الله خير ڪري ڪنھن جي فوتگي ۾ وڃڻ جي لاءِ به درخواست ڏيڻي پوندي آھي، طرقي ٿي به وڃين پوءِ به ماڻھو قيد ھوندو آھي نوڪري ۾ ، منھنجو ڪاروبار جنھن ۾ مان بلڪل آزاد آھيان مرضي سان موڪل ڪري سگھان ٿو گھمي فري سگھان ٿو، منھنجي ان ڪاروبار جي جيڪا ٽوٽل انويسٽ 3 ھزار وڌ ۾ وڌ 35 سئو ھوندي آھي جنھن جي رزلٽ مونکي شام تائين ملي ويندي آھي سو مان پنھنجي ڪاروبار کي اھميت ڏيندي ۽ پنھنجي ڪاروبار مان متاثر ٿيندي اھوئي چوندس ته ھن محل توھان جي ڏورن ۾ ساھ آھي توھان پنھنجي لاءِ بھتر ڪري سگھو ٿا شرط اھو آھي ته توھان ماڻھن جو فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏيو ته ماڻھو ڇا چوندا يا مان اھو ڪم ڪيان ،اھي لفظ خطرناڪ آھن اوھان جي لاءِ ، جڏھن ڏورن مان ساھه ڇڏائي ويندو اوھان کان پوءِ اوھان کي روئڻ ايندو پر ان وقت اوھان لاچار ھوندئو ۽ ڪجهه به ڪري نه سگھندؤ ، ڇو جو وقت ھر ان ماڻھو کي سبق ضرور سيکاريندو آھي جيڪو وقت جو قدر نٿو ڪري، جي ھا وقت جيڪو انسان جي ڏينهون ڏينھن عمر کائي رھيو آھي وقت……
(نظير ميمڻ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)