ڪاميابي جا 7 اصول: اچو ته عمل ڪريون:

 

اڄ اسان پنهنجي سلسلي کي ٽئين نقطي سان اڳتي وڌائينداسين.

3 شيون پهرين رکو:

اهو وقت جي انتظامڪاري ۾ شامل آهي. جڏهن اسان عادت نمبر 2 ۾ آخري مقصد جو فيصلو ڪيو ته پوءِ اسان آساني سان اهو فيصلو ڪنداسين ڪهڙو ڪم اسان جي مقصد سان ملندو ۽ ڪهڙو نه ملندو. ائين ڪرڻ سان اسين فرق معلوم ڪري سگھون ٿا:

1- تڪڙا ڪم: هي اهي ڪم آهن جن جي آخري تاريخ ويجهي هوندي آهي. جيئن ئي اسان کي ڪنهن جي فون ايندي آهي. پنهنجا سڀ ڪم ڇڏي ان فون کي اٽينڊ ڪندا آهيون، چاهي ضروري هجي يا نه. اهي تڪڙا ڪم اسان جو گهڻو وقت ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. تنهن هوندي، اسان کي اسان جو وڌيڪ وقت اهم ڪم تي خرچ ڪرڻ گهرجي. اهي ڪم جيڪي اسان جي  منزل هجن ٿا، هاڻي توهان سڃاڻو ٿا اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو توهان کي هر روز ڪرڻو آهي. توهان جي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ توهان پهرين ان بابت سوچيو.

اسٽيفن پنهنجي ڪتاب ۾ هن نقطي کي بيان ڪرڻ لاءِ بهترين مثال ڏئي ٿو. جيڪڏهن مان توهان کي هڪ بالٽي ڏيان ۽ توهان کي ڪجهه وڏا پٿر ۽ رسو ڏيان. انهن پٿرن جو مطلب آهي توهان جو اهم ڪم ڪهڙو آهي؟  هي تڪڙي ڪم ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جيڪڏهن توهان پهرين بالٽي ڀريندؤ، اهي اهم پٿر ڇڏي ڏيندا. جيڪڏهن توهان پهريان وڏا پٿر رکي ۽ مٿي کان وهڻ شروع ڪيو ته هاڻي بالٽي کي ٿورڙو هڻو ته ڏسندؤ ته سڄو پٿر وڏن پٿرن جي وچ ۾ اچي ويو آهي. اسان جي زندگيءَ جو وقت پڻ هن طرح آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجو ضروري ڪم پهرين ڪري وٺون ته اسان سرگرمين کي پاڻ ترتيب ڏئي سگهون ٿا.

4  ڪاميابي جو سوچيو

هي نقطو سوچ سٺي ٿيڻ جي باري ۾ نه آهي، نه ئي اها هڪ تڪڙو درست ڪرڻ واري ٽيڪنڪ آهي. اهو انساني رابطي ۽ تعاون لاءِ ڪردار تي ٻڌل ڪوڊ آهي. اسان مان گھڻا خود اعتمادي مقابلي سان سکندا آھن. اسان ڪنهن ٻئي جي ناڪامي جي لحاظ کان ڪاميابي جي باري ۾ سوچيون ٿا. جيڪڏهن مان کٽيو، توهان هارايو؛ يا  توهان کٽيو، مان هارائيندس. زندگي هڪ سفر، پئسو يا راند بڻجي وڃي ٿي. چوڌاري وڃڻ لاءِ صرف ايترو ئي ٽڪرو آهي ۽ جيڪڏهن توهان هڪ وڏو ٽڪرو حاصل ڪيو ته منهنجي لاءِ گهٽ بچندو. اهو مناسب ناهي ۽ مان پڪ ڪرڻ وارو آهيان ته توهان کي وڌيڪ نه ملي. اسان سڀ راند کيڏون ٿا، پر حقيقت ۾ ڪيترو مزو آهي؟  Win-Win  وارو رويو زندگيءَ کي ڪوآپريٽو ميدان طور ڏسي ٿو. Win-win جو مطلب آهي معاهدو يا حل گڏيل طور تي فائدي وارو ۽ اطمينان بخش. اسان ٻنهي کي کاڌو کائڻ لاءِ مليو ۽ ان جو ڏاڍو سٺو ذائقو آهي. کٽڻ لاءِ، توهان کي نه رڳو پرجوش هجڻ گهرجي، پر توهان کي اعتماد پڻ هجڻ گهرجي. توهان کي نه رڳو پرواهه ۽ حساس هجڻ گهرجي، پر توهان کي بهادر پڻ هجڻ گهرجي. جرئت ۽ غور جي وچ ۾ اهو توازن حقيقي پختگي جو جوهر آهي ۽ کٽڻ لاءِ بنياد آهي.

 

عبدالحيلم ڏاهري/نوابشاهه

خانواهڻ ڪوٽڙي ڪبير روڊ تي هڪ نظر وجهو

 

جھڙي طرح ڪائنات جي  افضل مخلوق انسان آھي، اھڙي طرح ڪائنات جي افضل عبادت خلق خدا جي خدمت آھي. سٺو انسان اهو آهي جيڪو ٻين لاءِ به ڀلو سوچي. گذريل برسات سڄي سنڌ جيان آھُن اھنجن تي ڀريل آھي، جتي مصيبتن مظلوميت جون صدائون ھر  وستي واھڻ مان گونجن پيون. سنڌين تي جيڪي تڪليفن جا پھاڙ ڪريل آھن، ڪيترائي مايوس داستان تاريخ ۾ لکجي چڪا آهن، انھن مان ھڪ بيوس داستان ڪوٽڙي خانواهڻ لنڪ روڊ آھي. هي ھڪ اھم رستو جيڪو ڪيترن ئي سالن کان کنڊر بڻيل ھوندي به قومي شاهراه تي ڪوٽڙي محمد ڪبير کان نڪرندي، ھڪ ڪرنگھي جي حيثيت جيان ٻن تعلقن محرابپور ۽ ڪنڊيارو تعلقي کي خيرپور ضلعي جي تعلقي سوڀوديري جي اھم شھرن ۽ سوين ڳوٺن کي ملائيندڙ واحد رستو ھيو. لکين ماڻهو اهو رستو اختيار ڪن ٿا. هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ڏانهن سفر لاءِ اسان کي رستي ۽ روڊ جي ضرورت پوندي آهي. ايمرجنسي جي صورت ۾ اسان کي اسپتال پهچڻ لاءِ انتهائي جلدي هوندي آهي، جيڪڏهن روڊ رستو صحيح حالت ۾ نه هوندو ته اهو سفر جيڪو 15 منٽن جو ٿيندو اهو ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو. اسان وٽ تازين برساتن کان پوءِ روڊ رستا انتهائي خراب ٿي چڪا آهن، اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي، پر حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته حالتون بهتر ٿيڻ کان پوءِ هاڻي روڊ رستا بحال ڪيا وڃن. جيڪڏهن روڊ رستا فوري طور تي بحال ٿي ويندا، ته ايمرجنسي جي صورت ۾ اسان کي ڏکيائين کي منهن نه ڏسڻو پوندو، ڊليوري، ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ مريض کي اسپتال پهچائڻ لاءِ اسان جيڪڏهن ڀڳل ٽٽل روڊ تي سفر ڪنداسين ته اسان اسپتال ۾ پهچڻ کان اڳ ئي جاني نقصان ڪري ويهنداسين. خانواهڻ ڪوٽڙي لنڪ روڊ جيڪو ٻن ضلعن جي ٽن تعلقن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو، جنهن سان وڻج واپار ٿئي ٿو، ڪاروبار کي هٿي ملي ٿي. جيڪو ٽٽيتباهه ٿي ويو آهي. جنهن کي فوري طور تي مرمت ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. هتان جي شخصيت جنھن برسات ۾ پنھنجي وس آهر وڏو ڪم ڪيو پر افسوس اھم مسئلي ته ڪنھن به سنجيدگي سان ڌيان نه ڏنو آھي. لکين آباديءَ ۾ ضرور ھر طبقي وارا رھن ٿا، خاص ڪري جيڪي پاڻ کي حاڪم ۽ مٿاهون سمجهندي پنھنجي فوقيت ڏيکارين ٿا اھي به سرڪار جيان مڪمل خاموش آھن. ھن آباديءَ ۾ ضرور سماجي ڀلائي ڪرڻ وارا جيڪي عبادت گاهون، مدرسا، يا ڪو خيراتي ادارو به هلائيندا ھوندا اھي به خاموش آھن. ھن آباديءَ ۾ ضرور مذهبي خيال رکندڙ عالم  مذھبي تنظيون سياسي سماجي تنظيمون، اصول پسند به مڪمل خاموش آھن. ائين پيو لڳي هر ڪو پنهنجي ذات جي چوڌاري ئي سوچي ٿو. سماج ۾ مجموعي طور ڇا پيو ٿئي، ان سان ڪنھن کي به سروڪار ناهي، پر ھتان جي نوجوانن کي ڪجھه الڳ سوچڻو پوندو. ھتان جي شعور کي جاڳڻو پوندو. سوشل ميڊيا تي ھر نواجون کي آواز بلند ڪرڻو پوندو. ھڪ فورم تي سياسي سماجي تنظيمن، صحافين، استادن ۽ نوجوانن کي گڏ ٿيڻو پوندو، سرڪار سان گڏجي ھڪ لائحه عمل جوڙڻو پوندو، ھڪ ڪاميٽي ٺاھي روڊ لاءِ (Fundraising ) سان گڏجي معاشري جي بھتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو. لطيف سائينءَ جي ھن شعر وانگر:

‏اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين

جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ. (شاهه)

 

زبير احمد سهتو/ ڪوٽڙي ڪبير

 

سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جي اغوا تي ڪنٽرول ڪير ڪندو؟

 

سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪندڙ گروهه ڪافي عرصي کان سرگرم آھي. ڪالھه خبر پڙھي جنھن تي گھڻو افسوس ٿيو، ته ملڪ ۾ اھڙا بي قياس بيرحم ۽ وحشي انسان به پيا آھن، جن ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ  ئي ڪاروبار سمجھو آھي. جنھن جي سوشل ميڊيا تي وڊيو به وائرل ٿي اٿس، عامر نالي شخص جيڪو ننڍڙن ٻارن کي اغوا ڪري پنجاب جي نويد پنجابي کي وڪڻي ڏئي ٿو. سڪرنڊ ۾ نينگري کي اغوا جي ڪوشش ڪندي پڪڙيو ويو آھي. سڪرنڊ مان 8 ورھين جي معصوم نياڻي کي آغوا ڪري وڪڻي ھا. سنڌ جي ھر ننڍي ۽ وڏي شھر مان وقت به وقت ننڍڙا ٻار اغوا ٿين ٿا اھڙي ڏوھ تي آخر ضابطو ڪير آڻيندو ؟ جيڪي پئسن جي لالچ ۾ آچي ٻارڙن کي اغوا ڪن ٿا. ھن ڏوھ ۾ ھڪ وڏو گروھ  سرگرم آھي، جيڪو سنڌ مان ٻارڙا اغوا ڪري پنجاب جي گجرات ۽ مختلف ھنڌن تي وڪڻي ٿو. اھي ماڻھو ٻارڙن کي وڪڻن ٿا يا وري انھن جا خاص عضوا وڪرو ڪن ٿا. سنڌ ۾ ڪافي عرصو اڳ ڪنب مان ٻه ٻارڙا گم ٿي ويا ھئا ۽ پوءِ اھي ڪراچي مان ھٿ ڪيا ويا. انھن ٻارڙن  چوڻ مطابق ته اسان کي جيڪي اغوا ڪري ويا اھي وڪڻڻ جون ڳالھيون ڪري رھيا ھئا. ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ڇا پوليس يا حڪومت پوري گروه کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھندي يا نه؟  ھن پڪڙيل شخص کي جيل ۾ بند ڪيو ويندو يا نه؟ ھن کي ڪا سخت قانوني سزا ملندي به يا نه؟ ائين ته نه ٿيندو ته نويد نالي شخص ھن کي ڇڏائي ويندو. معاملو رفع دفع ٿي ويندو ۽ ائين ملڪ مان ۽ سنڌ مان   معصوم ٻارڙا اغوا ٿيندا رھندا. ملڪ ۾ انصاف جا ادارا خاص ڪري عدليا به ھن شخص خلاف ڪو سوموٽو وٺي ڦاسي جي ڦندي تي پھچائي. عامر چواڻي ته مون کي ٽي ٻارڙن جا 10 لک  کان 12 لک ملن ٿا.  پر سندس بيان ۽ وڊيو مان ائين لڳي ٿو ته ھي ڪافي وقت کان اھڙي ڪرائيم ۾ ملوث آھي.  پر پوري گينگ کي پڪڙڻ ۾ ھن جو پوليس سھارو وٺي سگھي ٿي. ملڪ جي سمورن والدين کي گھرجي ته پنھنجي ٻارڙن کي اڪيلو نه ڇڏين خاص ڪري گھٽين ۾ ٻار کيڏن ٿا پر انھن جو به وقت مقرر ڪيو ۽ ھر وقت پنھنجي نظر ۾ رکو. ٻارڙن جي سٺي تربيت ڪريو ۽ انھن کي سمجھايو ته ٻين کان  کائڻ جون شيون نه وٺن، جنھن ۾ خاص ڪري ٽافيون، چيگم، چپس ۽ ٻيون شيون.  ٻارڙا معصوم آھن پر انھن جو ذمو والدين تي آھي ته اھي  ھر وقت پنھنجي نظر ۾ رکن. ٻيو ته پنھنجي پاڙي يا ڳوٺ گھٽي ۾ ڪو شڪي ماڻھو ڏسن ته ان کان پڇا ڳڇا ڪن ۽ پوليس کي اطلاع ڏين. پاڙي ڳوٺ شھرن جي گڏيل تنظيم ھجي جنھن وٽ حد جي پوليس جا نمبر موجود ھجن. تنظيم ان ڪري ضروري آھي ته مسئلن جو حل گڏيل طور نڪرندو آهي. سنڌ جي ھر ساڃاه وند ۽ سجاڳ ڌرين علم دوست ۽ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي آگاھي پيغام ھر چئنل تي ھلڻ گھرجي ته والدين کي پنھنجي ٻارڙن جي سارسنڀال ۽ نظر ۾ رکڻ گھرجي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته عامر جھڙن ٻار کي اغوا ڪندڙن کي پڪڙي عملن ڪا قانوني سخت سزا ڏين ته پوءِ اھڙا سنگين ڏوھه ختم ٿي سگهن ٿا.

 

ساگر شفيق وساڻ / ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

ڪهڙو درد لکي ڪهڙو لکان

 

سنڌ صوفين جي ڌرتيءَ آهي. صوفي بزرگن اسان کي جيڪو درس ڏنو آهي اهو امن، ڀائيچاري جو آهي. وڏي ڳالھه اها آهي انهن صوفين بزرگن اوليائن وڌيڪ نياڻين کي  ترجيح ڏني آهي. افسوس هڪ وڊيو وائرل ٿي جيڪا پنهنجي حق لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پرامن احتجاج ڪندڙ هيلٿ ملازمن جي آهي اتي پوليس ڌاڙيلن جيان ڪاھ ڪري سنڌ جي نِياڻين مٿان تشدد ڪيو ۽ انهن جي وڏي تذليل ڪئي وئي آهي. وِڊيو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن سماج ۾ حق گهرڻ به ڏوھ بڻجي ويو آهي. اهو به وقت هو ڪنهن برادري جو ڪنهن ٻئي هٿان خون ٿي پوندو هو ته هو قاتل پنهنجي نياڻي ساڻ ڪري ان جي گهر  ويندو هو ته اڳيان نياڻي کي مان ڏيندي خون معاف ڪري ڇڏيندا ھئا. ھاڻي اسان جي نياڻين جي ڪراچي جهڙي شهر ۾ تذليل ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن مٿان پوليس وحشياڻو  تشدد پئي ڪري. نياڻين جا ڪپڙا ليڙون ليڙ ٿي پون ٿا پوءِ به اسان جا چونڊيل نمائندا خاموش آهن الائي ڇو؟ اي سنڌ تنهنجو هڪ سور هجي مان لکان تون سورن سان ڀريل آهين، تو تي ڇا لکي ڇا لکان:

 

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي