اهم مقرري واري معاملي تي پنڊي ۽ لنڊن ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن: شاھ محمود قريشي

0
326

کاريان (ڊيسڪ رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آھي ته اهم مقرري واري معاملي تي پنڊي ۽ لنڊن ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن، اهي وڇوٽيون وڌڻ تي اسان کي خوشي نه پر ڳڻتي آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کاريان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته غير يقيني واري صورتحال تي سموري قوم پريشان آهي، عمران خان آئيني ۽ جمهوري رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

شاھ محمود قريشي جو چوڻ ھو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو دورو ملتوي ٿيڻ سان ملڪي معيشت جي بهتري به رولڙي جي ور چڙهي وئي آهي، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو واحد حل چونڊون آهن

پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ فيصل آباد ضلعي جي شهر سمندري پهچي ويواس وقت ملک دلدل میں پھنس رہا ہے، مہنگائی عروج پر ہے: رہنما تحریک انصاف۔ فوٹو پی ٹی آئی

اسد عمر جي اڳواڻيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ فيصل آباد ضلعي جي شهر سمندري پهچي ويو آھي

 اسد عمر سمندري ۾ لانگ مارچ جي قافلن کي خطاب ڪندي چيو ته حقيقي آزادي لاءِ سمورو پاڪستان رستن تي نڪري رهيو آهي، عوام اليڪشن چاھي ٿو، کاريان کان لانگ مارچ جي قيادت شاهه محمود قريشي ڪندو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي کاريان ۾ لانگ مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندو، جلسي ۾ ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي فائينل جي ميچ ڏيکارڻ لاءِ ٽي وي اسڪرينز به لڳايون ويون، ميچ ختم ٿيڻ بعد عمران خان خطاب ڪندو

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو دورو عمران خان جي ڌرڻي واري اعلان سبب ملتوي ٿيوعمران خان تي قاتلاڻي حملي

دفاع واري وزير خواجا آصف الزام ھنيو آھي  ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو دورو عمران خان جي ڌرڻي واري اعلان سبب ملتوي ٿيو

پنهنجي ٽويٽ ۾ خواجا آصف چيو ته عمران خان 7 سال اڳ پهرين ڌرڻي ذريعي چيني صدر جو دورو ڪينسل ڪرايو هو،  هاڻي 21 نومبر واري ڌرڻي جي اعلان سان سعودي ولي عهدي ۽ وزيراعظم جو دورو ملتوي ڪرايو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجن مفادن کانسواءِ ٻي سوچ نه ٿو رکي، هي شخص ملڪ جي خلاف ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي

ھي به پڙھندا

آرمي چيف جي مقرري، نواز شريف جا آصف زرداري ۽ فضل الرحمان سان رابطا