ڇا اسان جو پڙهڻ حق ناآهي ؟؟؟؟

 

ڌيءُ: بابا ڳوٺ ۾ ٻيا ٻار ته پڙھڻ ويندا آھن، پوء توهان مون کي ڇو نه ٿا اسڪول موڪليو. مان به ٻين جيان پڙھڻ چاهيان ٿي. ڪتاب مون کي به پسند آھن، مان جڏهن ٻين ٻارن کي اسڪول ويندي ڏسان ٿي ته دل ۾ سَٽون پونديون اٿم ته مان به قلم ۽ ڪتاب هٿ ۾ کڻي انهن سان گڏ اسڪول وڃان. مون کي به اسڪول موڪل نه بابا…موڪليندين نه؟

پيءُ: پُٽ جيڪي ٻار اسڪول وڃن ٿا اُهي وڏيرن ۽ زميندارن جا ٻار آھن، مون ۾ ايتري سهپ ڪٿي آھي جو تنهنجو خرچ کڻي سگهان مان ته وڏي مشڪل سان ٽن ويلن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري سگهندو آھيان، تنهنجن ڪتابن جو بار مان نٿو کڻي سگهان.

ڌيءُ: بابا پر هُو جن کي توهان وڏيرن جا ٻار پيا چئو اُهي به ته مون جيان ٻار ئي آھن فرق ته ڪو به نه آھي پوءِ ڇا جي ڪري هُو اسڪول وڃي سگهن ٿا، ڪتاب پڙھي سگهن ٿا ۽ مان وري نه ..؟

پيءُ: (ٿورو ٿورو هٻڪندي ۽ ڪاوڙ مان) تون هي ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين ته تون هاريءَ جي ڌيءُ ۽ انهن زميندارن جي ٻارن ۾ ڪو به فرق نه آھي، توکي خبر نه آھي ڇا ته اسان جو گذر سفر انهن زميندارن جي ٻنين تي ٿيندو آھي، توکي پاڻ کي انهن جي ٻارن جي برابر ڪرڻ جو ڪو به حق نه آھي. ٻيهر اھڙي گستاخي نه ڪجان!!!

 

نثار احمد باجڪاڻي/ غوثپور

زندگي جا ٻارنهن سال موبائيل فون حوالي

 

اھا ڪھڙي جاءِ آھي جتي ماڻھو بي جا موبائيل فون جو استعمال نٿا ڪن! غمي خوشي سياسي سماجي ميڙاڪن ڪاروباري مرڪزن آفيسن اوطاقن اسپتالن  ۾ اڪثر  ماڻھو ڪنڌ ھيٺ ڪري ويٺل ھوندا آھن، ڄڻ ته مراقبي ۾ ويٺا ھجن، ھڪ اندازي موجب اڪثر ماڻھو ھرروز چار ڪلاڪ موبائيل فون کي ڏين ٿا، جيڪي سال جا چوڏنھن سو سٺ ڪلاڪ ٿين ٿا. ستر سالن جي زندگي ۾ اھي ٿيندا ھڪ لک ٻاويھه سو ڪلاڪ مطلب ته زندگي جا  ٻارنھن سال موبائيل فون جي حوالي ٿي ويندا. جنازي، عيادت، عبادت، حادثي، ماني مھل سيلفي عين فرض بڻجي چڪي آھي. آخر موبائل فون کانسواءِ به ته دنيا ھلي پئي. ھر شي جو منفي بي انتھا استعمال نقصان جو سبب ھجي ٿو.  اسان جي گھرن ۾ باھ به آھي جيڪا ساڙي ٿي، پاڻي به آھي جيڪو ٻوڙي ٿو، ڇري يا چاقو به آھي، جيڪي وڍيندڙ آھن، باوجود انھي جي پوءِ به اسين انھن شين جو مفيد استعمال ڪندا آھيون، فائدو حاصل ڪندا آھيون. پر موبائيل فون جي بي لاڀائتي بي جا استعمال اسان جي زندگين کي ضايع ڪري ڇڏيو آھي. اسين ڪنھن ڪم جا نه رھيا آھيون. سوشل ميڊيا تي پنج ھزار دوستن جي لسٽ، گھر ڇا وھي واپري پيو ڇا پيو ٿئي ڪا خبر ناھي، بس ڪوڙ جي دنيا ۾ موالين وانگي مگن. گھر ۾ ھٿيار ھوندو آھي ھٿيار جي نفعي نقصان  ھٿيار ھلائڻ بابت ٻارڙن کي ٻڌايو ويندو آھي. ٻارڙن کي موبائل ڏيڻ مھل به سمجھائجي، موبائيل تي گفتگو مختصر ڪجي، ٿورو ڳالھائڻ سان ماڻھو ڪيترن ئي مونجهارن کان بچي پوي ٿو.  ھر وقت ميسيجن جا جواب نه ڏجن. ٻار وڏن جو نقل ڪن ٿا، تنھن ڪري سماجي گڏجاڻين يا گھرن ۾ موبائل فون جو استعمال گھٽ کان گھٽ ڪجي. موبائل فون ھر طرح جي معلومات جي رسائي جو آسان ذريعو آھي. انٽرنيٽ تي نوي فيصد فحاشي تي مبني مواد موجود ھجي ٿو، جيڪو خود بخود اسڪرين تي نمودار ٿيو وڃي. جنھن جي جڪڙ ۾ اڪثر نوجوان اچيو وڃن، نوجوان  جنسي بي راھ روي ۾ مبتلا ٿيڻ سان گڏوگڏ ھر وقت خيالي دنيا ۾ رھڻ لڳندا آھن. غلط رجحانن طرف لاڙو ڪندا آھن. بي تحاشه نيون شيون ڏسي انھن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏوھاري سرگرمين ۾ به شامل ٿي سگھن ٿا. موبائل فون جو بي وقتائتو فضول استعمال انيڪ جسماني نفسياتي  بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. فاني زندگي جو پل پل قيمتي آھي،گذري ويل وقت وري نه ايندو اھا پڪ آھي ته پوءِ اسين ڇو نه عارضي وقت  کي سجايو ڪريون. ڪنھن جا ٻانھن ٻيلي ٿي پئون، ڪنھن جي ڪم اچي پئون، فضول ڪوڙي سماجي دنيا ڇڏي ھوش کان ڪم وٺي تعميري سوچ سان معاشري جا ڪارگرد فرد ٿيون.

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

 

نوحو

 

دشت بلا ۾ ولا ھٿ جو کنيا سڪينه

ڏسندا رھيا فرشتا روئندا رھيا سڪينه

بابو منھنجو ڪسي ويو ڀائر منھنجا ڪسي ويا

ڪربوبلا جي رڻ ۾ ھي ويڻ ڪيا سڪينه

الله جو قسم آ ارمان بس ايھو آ

ننڍڙي عمر ۾ توکي صدما مليا سڪينه

لاون جي عمر وارا ڪونڌر جوان ھئه ھئه

نيزن تي ويا چڙھي ڏس نازن پليا سڪينه

ڏک سور تنهنجا لکندي ڪاغذ قلم سان گڏ گڏ

سڪندر جي ڀي اکين مان ڳوڙھا ڪريا سڪينه

 

سڪندر ھاڙھو/ شھدادڪوٽ

 

عمرڪوٽ منشيات جو ڳڙهه بڻجي ويو.!!!

 

عمرڪوٽ ۾ منشيات فروشن پنهنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن. عمرڪوٽ ۾ سفينا، آداب، زيڊ ايڪيهه، مين پڙي، زهريلو گٽڪو، ڪچو شراب جي واهپي ۾ اضافو اچي ويو آهي. منشيات جي واهپي وڌڻ سبب ڪيترائي نوجوان موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي بيماري جي بستري تي پيل آهن جيڪي جيئري ئي مئلن سان گڏ آهن. عمرڪوٽ جي انتظاميه ۽ پوليس خاموش بڻيل آهن. عمرڪوٽ ۾ گٽڪي ۽ نشي آور پڙين جي موالين شهر گهٽين کي ٿڪ جي پچڪارين سان گندو بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته باخبر ذريعن کان اها معلومات پڻ حاصل ٿي آهي ته جيڪو منشيات وڪرو ڪندڙ ڊيلر آهن انهن کي سفيد ڪالر ماڻهن جو آشيرواد حاصل آهي جنهن سبب انهن خلاف ادارا بيوس بڻيل آهن. جڏهن ته اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته پوليس جي اعليٰ عملدارن جي چلهه پڻ منشيات جي پئسن سان ٻري ٿي. ان ڪري ڪوبه ادارو ايڪشن کڻڻ لاء تيار ناهي. صرف اهو به نه عمرڪوٽ ۾ سماجي برايون به عروج پهتل آهن جنهن ۾ فحاشي اڏا ۽ جوا اڏا شامل آهن جن خلاف ڪاروائي جي ضرورت آهي.

 

آزاد لال حسين/ عمرڪوٽ

 

هاڻي ته سنڌ مان انسانيت ڄڻ نڪري وئي آھي!

 

هن وقت سنڌ سميت پوري پاڪستان اندر معصوم گلن جهڙين نياڻين سان جنسي ڏاڍائين جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. هاڻ ته اهو ڏينهن خالي نه آهي جنهن ڏينهن ڪنهن نياڻي جي عزت نه لٽي وئي هجي. ڪنهن عورت کي ڪارو ڪري نه ماريو ويو هجي يا ڪنهن ٻار کي حوس جو نشانو نه بنايو ويو هجي. اهڙيون خبرون روز اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جي معاشري ۾ حوس جا پوڄاري انسانيت جي روپ ۾ وحشي درنده بڻجي ويا آهن جن کان نه ٻار محفوظ آهن ۽ نه ئي نياڻيون. پر انهن درندن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نٿا کنيا وڃن، نتيجي ۾ اهڙي قسم جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿيڻ بجاءِ اضافو ٿيندو پيو وڃي. وحشي جوابدار نياڻين جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن بحيثيت هڪ وڪيل ۽ والد جي جڏهن آئون اهڙا واقعا ڏسان ٿو يا ٻڌان ٿو ته جيءَ جهُري ٿو پوي. بلڪه اهڙي قسم جي واقعن مان محسوس ٿئي ٿو ته انسانيت اسان جي سماج مان ڄڻ ته موڪلائي وئي آهي.  اها ڳالهه نه رڳو منهنجي بلڪه هر باشعور فرد جي مشاهدي ۾ آئي هوندي ته ڏوهه ڪيڏو به سنگين هجي پر جيڪڏهن ان ۾ سماج جا طاقتور ۽ بااثر ماڻهو ملوث هجن ٿا ته رياست به انهن آڏو ڪجهه نٿي ڪري سگهي. اسان وٽ به شايد ائين ئي ٿي رهيو آهي. رياستي ادارن جهڙوڪ پوليس ۾ ڪرپشن ۽ سياسي مداخلت ۽ ان سان گڏ ڪورٽن ۾ تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري به ڪيترائي متاثر مايوس ٿي ظلمن خلاف آواز نٿا اٿارين. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اهڙو ڏوهه ڪندڙن کي سزا نٿي ملي ۽ اهڙا ڪيس به اسان جي سامهون ايندا رهن ٿا بلڪه اسين ڪجهه ڪرڻ بجاءِ صرف تماشائي ئي رهجي ٿا وڃون. بهرحال آئون سمجهان ٿو ته ٻارن سان جنسي ڏاڍائي هجي يا تشدد اهو مسئلو هن سماجي حقيقتن سان ڳنڍيل آهي. جيستائين انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ طرف ڪو قدم نه کنيو ويندو ته اهڙا واقعا ظاهر ٿيندا رهندا. گڏوگڏ اسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته جن ٻارن سان زندگي ۾ جنسي تشدد ڪيو ويندو آھي انهن جي زندگي تي ھاڃيڪار اثر ٿين ٿا. ٻار پنھنجي تعليم تي ڌيان نٿو ڏيئي سگھي ٻار جو معاشري ۾ ڪو نمايان ڪردار نٿو رھي، بلڪه متاثر ٻارن تي نفسياتي اثر پون ٿا ۽ پوءِ سڄي عمر لاءِ هو محرومين جو شڪار بڻجندو ويندو آهي. ملڪ ۽ سڄي سنڌ ۾ هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اک کولي جيڪڏهن اسان هن وقت نه اٿياسين ته شايد پوءِ دير ٿي وڃي ۽ اڳتي هلي اسان ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهون، تنهن ڪري بهتري ان ۾ ئي آهي ته پنهنجي ضمير کي جاڳائي پنهنجي گلن جي حفاظت جي لاءِ ڪو اهڙو قانون آڻيون جنهن سان معاشري جي سونهن بڻيل ٻارن جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي.

 

انجنيئر وسيم چنه/ سيوهڻ

 

مالا مال ڪاڇو ۽ مسڪين ماروئڙا

 

ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇي مان تيل گيس نڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ڪاڇي واسي هن جديد دور سائنسي دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ڪاڇي واسي پٿر واري زندگي گذاري رهيا آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب آهن. ڪاڇي ۾ برسات کانپوءِ روڊ رستا تباھ ٿي ويا آهن. ڪاڇي ۾ مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي. ڪاڇي واسي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي. ڪاڇي جي روڊ رستن جي مرمت ڪرائي وڃي، جلدي ڪاڇي واسين جي تڪليف ختم ڪئي وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

 

اتحادي حڪومت نيب قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي

 

قومي اسيمبلي نيب ترميم ۽ ٻين بلن جي منظوري ڏني آهي. نيب 50 ڪروڙ روپين کان گهٽ ڪرپشن ڪيسن جي تحقيقات نه ڪندو. هلندڙ اتحادي حڪومت ترجيحي بنيادن تي نيب جي قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي. احتساب معاشري لاءِ ضروري هوندو آهي. جنرل مشرف 1999ع ۾ نيب قائم ڪيو، جنهن جو مقصد ڪرپٽ عنصرن کي قانوني گرفت ۾ آڻڻ هو. ماضي ۾ پنهنجي پنهنجي دورن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي جي خلاف ڪرپشن ڪيس قائم ڪيا. جڏهن ته 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ پ اپوزيشن ۾ هليون ويون. اقتدار پي ٽي آءِ کي مليو ته نيب جو هڪ نئون ڪردار سامهون آندو. جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب کي صحيح معنى ۾ احتساب جو ادارو بڻايو، جنهن حڪومتي سطح تي بدعنواني خلاف مهم جي شروعات ڪئي. عمران حڪومت ڪرپٽ عنصرن خلاف احتساب وارو عمل سخت ڪيو. ماضي ۾ جوابدار ڪرپشن ڪرڻ کان اڳ اهو سوچيندا هئا ته انهن کي پنهنجي ڪئي جي سزا ملندي. پر هاڻي موجوده حڪومت قانون سازي ڪئي آهي ته 50 ڪروڙ کان گهٽ نيب ڪنهن به جوابدار خلاف تحقيقات نه ڪري سگهندو. اها ڳالهه ايئن ٿيندي ڄڻ قومي خزانو لٽڻ وارن کي کليل ڇوٽ ڏجي. حڪمران اتحاد جا گهڻا ماڻهو هن وقت به نيب وٽ حاضريون ڀرن ٿا جن خلاف نيب ۾ ڪيس سامهون آيا. تنهن کان سواءِ جوابدار جتي به ڪرپشن ڪئي اتي ڪيس هلندو. پ پ پ جا ماڻهو جڏهن ڪرپشن ڪيسن ۾ گرفتار ٿيا ته انهن سرڪاري مشينري کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪندي ريليف وٺڻ شروع ڪيو جنهن ڪري ڪيس ٻين صوبن منتقل ٿيا. ٻي تبديلي اها ڪئي وئي ته تحقيقات ۾ ڪنهن به سرڪاري ايجنسي کان مدد نه وٺي سگهبي، جيڪا احتساب واري عمل کي بي جان ڪرڻ واري ٿيندي. ماضي ۾ نيب کان علاوه ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن، ايف بي آر ۽ اثاثا ريڪوري يونٽ جهڙا ادارا به احتساب لاءِ ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ سرگرام هوندا هئا. جنهن بنياد تي جوابدارن خلاف گهيرو تنگ ڪري سگهبو هو. حڪومت جي انهن قدمن سان معلوم ٿيو ته حڪمران اتحاد احتساب جي اداري کي عملاً مفلوج ڪيو آهي. ڳالهه اها آهي ته اهڙي قسم جي قانون سازي حڪمران اتحاد واري ماڻهن جي پنهنجن ڪيسن جي بچاءَ جي ڳڻ چئبي. نيب جا پر ڪٽي ملڪ کي ترقي جي راهه تي نٿو آڻي سگهجي. جيڪو ڪرپٽ عنصرن کي قانوني گرفت ۾ احتسابي عمل کي سخت بڻائيندو رهيو آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

سنڌ جو غريب عوام ڪڏھن جان ڇڏرائيندو؟

 

ھونئن ته روز ھڪ نه ٻيو واقعو ٻڌون ٿا سنڌ ۾ ڪڏھن پوليس جي چڙهائي ته ڪڏھن ظالمن ھٿان بيگناهه ڪنھن غريب جي قتل جو واقعو ته ڪڏھن ڌارين ھٿان قتل ته ڪڏھن وري ڪنھن نياڻي سان زيادتي جو واقعو، پر سنڌ ۾ اسپتالن وارا به ڪا به ڪسر نٿا ڇڏين. جيئن ته تازو عمرڪوٽ شھر جي هڪ نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ واقعو پيش آيو. ڊاڪٽرياڻي جي لاپرواهيءَ سبب عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ ٻوڙاٻاھ جي رھواسي 25 ورھين جي امينت زال اسلام الدين راهمون جي موت جو واقعو افسوسناڪ آهي. اھو واقعو ڊاڪٽرياڻي جي لاپرواهيءَ سبب پيش آيو آهي. وارثن موجب ته ڊاڪٽرياڻي رابعه عورت کي ڊليوري جي انجيڪشن لڳائڻ کان پوءِ پاڻ گھر ھلي وئي هئي. 6 ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ اتي صفائي جو ڪم ڪندڙ عورت ڊليوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ڪري امينت زال اسلام الدين راھمون فوت ٿي وئي. عورت جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ ڊاڪٽر اسپتال پھتي. اسان سنڌ حڪومت ۽ تمام وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته خدارا سنڌ جي غريب عوام سان ظلم بند ڪرايا وڃن ۽ اھو مطالبو ٿا ڪيون ته ظلم ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

 

يو ڪي راهمون/ ڪيرلو

 

يوسي صالح مهر ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو ۔!!!

 

گهوٽڪي ضلعي ۾ برساتن کانپوءِ انتظاميا جي نااهلي جي ڪري ڳوٺن توڙي شهرن ۾ گهٽين ۽ رستن تي گندي پاڻي جا تلاءُ بيهجي ويا آهن، جنهن ڪري مڇرن سميت  انيڪ خاطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي. يوسي صالح مهر جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ عارب مهر، ڳوٺ ميهر مهر، ڳوٺ ستارو مهر، ڳوٺ لاکو لنجاري ۽ ڳوٺ صالح مهر  سميت ٻين ڳوٺن جي گهٽين ۽ ڳوٺن جي چوڌاري برسات جي گندي پاڻي جا تلاءُ بيهجي ويا آهن. جنهن ڪري يوسي صالح مهر مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن سان مختلف بيماريون انسانن توڙي جانورن ۾پکڙجي رهيون آهن ۽ معصوم ٻار، ضعيف ماڻهو ۽ نوجوان ڪيترن ئي بيمارين ۾ وٺجي چڪا آهن. ڊي سي کان  مطالبو آهي ته يوسي صالح مهر ۾ جلد کان جلد مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي ته  جيئن بيمارين تي ڪنٽرول ٿي سگهي.

 

ذاڪر حسين مهر/ ڳوٺ عارب مهر